ميرپورخاص(رپورٽ:غفاررند) ميرپورخاص ۾ روينيو رڪارڊ ۾ وڏي پيماني تي قيمتي زمينن جا جعلي کاتا ظاهر ٿيڻ بعد اينٽي ڪرپشن وڏي ڪارروائي ڪندي اڳوڻي مختيارڪار راشد ميو جي انڪشافن کان پوءِ مبينا ڪرپٽ روينيو آفيسرن جي فرنٽ مين امتياز برفت کي گرفتار ڪري ورتو، اينٽي ڪرپشن اختيارين امتياز برفت جي سسري غلام مصطفيٰ خاصخيلي ۽ سندس ساٿي پاڙيسري محمد هاشم کي پڻ گرفتار ڪيو آهي، جن جي نالن تي اربين رپين جي قيمتي زمين امتياز برفت مبينا طور منتقل ڪرائي رکي هئي، ذريعن موجب جوابدارن روينيو آفيسرن جي مبينا ملي ڀڳت سان قيمتي ايراضين جا جعلي کاتا تيار ڪرڻ سان گڏ سرڪاري ۽ خانگي ماڻهن جي زمينن بابت فرضي داخلا پڻ ڪيون، جاچ دوران اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته سرڪاري رڪارڊ ۾ ڦيرڦار ڪري زمينن جي مالڪي تبديل ڪئي وئي. ذريعن موجب جعلي اينٽرين ۽ بوگس کاتن ذريعي قومي خزاني کي وڏو نقصان پهچايو ويو، جڏهن ته ان غيرقانوني ڌنڌي ۾ اعليٰ روينيو آفيسر پڻ شامل هجڻ جا انڪشاف سامهون آيا آهن، اينٽي ڪرپشن اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار امتياز برفت اهم انڪشاف ڪيا آهن، جڏهن ته وڌيڪ ڇاپن ۽ وڏين گرفتارين جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو پيو وڃي.