ڪراچي(ويب ڊيسڪ) منشيات ڪيس ۾ گرفتار ڪوڪين ڪوئين انمول عرف پنڪي کي ڪراچي جي مختلف عدالتن ۾ پيش ڪيو ويو، جتي ڪراچي سينٽرل جي عدالت کيس 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
عدالت ايس آءِ يو ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ پنڪي جو 22 مئي تائين جسماني رمانڊ منظور ڪيو.
ٻئي پاسي ملير جي عدالت منشيات ڪيس ۾ پنڪي جي رمانڊ واري درخواست رد ڪندي کيس جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ 14 ڏينهن اندر ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
پوليس ملير جي عدالت پاران رمانڊ رد ڪرڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ياد رهي ته پوليس طرفان انمول عرف پنڪي کي ٻنهي عدالتن ۾ هٿڪڙيون هڻي سخت سيڪيورٽي هيٺ پيش ڪيو ويو هو.