لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي کي آءِ پي ايل (انڊين پريميئر ليگ) فائنل جي دعوت ملي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي چيئرمين محسن نقوي کي آءِ پي ايل فائنل ڏسڻ جو دعوت نامو مليو آهي ۽ محسن نقوي اهو دعوت نامو وزيراعظم شهباز شريف ڏانهن اُماڻي رهيو آهي.
ذريعن موجب، پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي ڀارت وڃڻ يا نه وڃڻ جو حتمي فيصلو وزيراعظم شهباز شريف ڪندو.
واضح رهي ته آءِ پي ايل جو فائنل 31 مئي تي ڀارتي شهر احمد آباد ۾ شيڊيول آهي.
ٻئي پاسي ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جا اجلاس هلندڙ مهيني ٻن مرحلن ۾ ٿيندا.
آءِ سي سي چيف ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو ورچوئل اجلاس 21 مئي تي ٿيندو، جڏهن ته آءِ سي سي بورڊ ميٽنگ 30 ۽ 31 مئي تي ڀارتي رياست گجرات جي راڄڌاني احمد آباد ۾ ٿيندي.
واضح رهي ته آءِ سي سي بورڊ اجلاس آءِ پي ايل فائنل جي موقعي تي سڏايو ويو آهي ته ۽ اجلاس ۾ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي کي شرڪت ڪرڻي آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته موجوده صورتحال موجب پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي احمد آباد ۾ رٿيل اجلاس ۾ شرڪت غير يقيني آهي.