آنڌاري، گجگوڙ ۽ ڳڙي سان برسات جي اڳڪٿي، خطرن جو الرٽ جاري

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) 19 کان 22 مئي دوران آنڌاري گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جي اڳڪٿي ڪندي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي 18 کان 23 مئي تائين ملڪ جي مختلف حصن ۾ امڪاني موسم جي صورتحال جو تفصيلي جائزو جاري ڪري ڇڏيو.
اين ڊي ايم اي سنڌ لاءِ الرٽ جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته سڄي صوبي ۾ موسم شديد گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.
سنڌ جي ضلعن ۾ گرمي پد ۾ مسلسل واڌ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري شهرين کي هيٽ ويو کان بچڻ لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
اين ڊي ايم اي چيو آهي ته ملڪ ۾ جاري موسم جي صورتحال نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر طرفان جاري ڪيل اڳواٽ الرٽس پٽاندر آهي.
نئين الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي مٿانهن ۽ وچين علائقن ۾ برساتن ۽ ڳڙي پوڻ، جڏهن ته ڏاکڻن حصن ۾ شديد گرمي جي لهر (هيٽ ويو) جو امڪان آهي.
اين ڊي ايم اي جو چوڻ هو ته 19 کان 22 مئي دوران پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ آنڌاري، گجگوڙ سان گڏ برسات ۽ ڪٿي ڪٿي ڳڙي پوڻ جو امڪان آهي.
ان دوران راولپنڊي، اسلام آباد، مري، اٽڪ، چڪوال، لاهور، سيالڪوٽ، قصور، ملتان ۽ انهن جي ڀرپاسي وارا علائقا متاثر ٿي سگهن ٿا.
خيبرپختونخوا جي مختلف ضلعن سميت چترال، سوات، پشاور، بنون، ايبٽ آباد، مانسھرا ۽ لنڊي ڪوتل ۾ آنڌاري ۽ ڪجهه هنڌن تي ڳڙي سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
اهڙي طرح گلگت بلتستان جي علائقن گلگت، اسڪردو، هنزا، استور ۽ آزاد ڪشمير جي مظفرآباد، نيلم ويلي، باغ، ڪوٽلي ۾ به مختلف هنڌن تي گجگوڙ سان گڏ برسات ۽ ڳڙي پوڻ جو امڪان آهي.
بلوچستان جي حوالي سان اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته 19 کان 22 مئي دوران ڪوئيٽا، زوب، زيارت، چمن ۽ خضدار جي علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات ۽ ڳڙي جو امڪان آهي. پر صوبي جي ٻين ضلعن ۾ موسم مجموعي طور تي شديد گرم رهندي ۽ گرمي جي شدت ۾ وڌيڪ واڌارو ٿيندو.
اين ڊي ايم اي سمورن صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز ۽ ضلعي انتظاميا کي الرٽ رهڻ ۽ آبادگارن کي ڳڙي توڙي آنڌاري کي نظر ۾ رکندي اڳواٽ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.