ڪراچي (رپورٽر) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) طرفان پاڪستان کي 1.3 ارب ڊالر ملي ويا آهن. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان تصديق ڪئي آهي ته اها منتقلي اي ايف ايف ۽ آر ايس ايف پروگرام جي تحت ٿي آهي. آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ 8 مئي تي ٽئين جائزي جي منظوري دوران اها قسط منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. مجموعي طور تي اسٽيٽ بئنڪ کي 914 ملين ايس ڊي آر مليا آهن، جيڪي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ شامل ڪيا ويندا. موجوده پروگرام تحت پاڪستان کي هينئر تائين مجموعي طور 4.6 ارب ڊالر جاري ٿي چڪا آهن.