اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، هنر، روزگار ۽ ڪاروبار جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي ۽ ايندڙ سال لاءِ نون منصوبن جي تجويزن بابت جائزي اجلاس ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته حڪومت نوجوانن کي تعليم، هنر، روزگار ۽ ڪاروبار جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، نوجوانن کي آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ عالمي معيار جي تعليم ۽ تربيت فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته هائر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت يونيورسٽين ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم کي عالمي گهرجن پٽاندڙ بڻائڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي پيش ڪن، وزيراعظم يوٿ پروگرام نوجوانن جي ٽيڪنيڪي ۽ فني تربيت تي ڌيان ڏئي جنهن سان نوجوانن لاءِ ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ روزگار جا يقيني موقعا پيدا ٿين.وزيراعظم نوجوانن کي ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ مختلف آسان قرض اسڪيمن کي هڪ ئي پليٽ فارم تي آڻڻ، گهٽ آمدني ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ نوجوانن کي اليڪٽرڪ موٽر بائڪن جي فراهمي لاءِ يوٿ پروگرام کي وزارت صنعت سان سهڪار جي هدايت ڪئي.