اسلام آباد (بيورو) حڪومت ڪوهاٽ ۾ خودڪش بمبار کي روڪي قيمتي جانيون بچائيندڙ بهادر شهري لياقت علي شهيد کي ستاره شجاعت سان نوازيو ويو، شهيد لياقت علي جو اعزاز سندس والده وصول ڪيو، جڏهن ته لياقت علي جي گهرڀاتين کي مڪمل سرڪاري پروٽوڪول سان ايوان صدر آندو ويو، ستاره شجاعت پاڪستان جو بهادري لاءِ ٻيو وڏو سول اعزاز آهي، جيڪو غير معمولي جرئت ۽ قرباني تي ڏنو ويندو آهي، رپورٽن موجب لياقت علي شهيد خوشحال ڳڙهه واري علائقي ۾ خودڪش حملي آور کي روڪي سندس ارادا ناڪام بڻايا هئا، لياقت شهيد خودڪش حملي آور آڏو بي مثال بهادري، فرض شناسي ۽ قرباني جو مظاهرو ڪيو، جنهن کي پوري قوم لاءِ روشن مثال قرار ڏنو پيو وڃي.