واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سينيٽ ۾ ايران جنگ واري معاملي تي صدر ٽرمپ جا اختيار محدود ڪرڻ بابت ٺهراءُ هڪ ووٽ تان ناڪام ٿي ويو ۽ ووٽنگ ۾ قرارداد جي خلاف 50 ۽ حق ۾ 49 ووٽ پيا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، ٺهراءُ سينيٽر جيف مرڪلي پيش ڪيو، جڏهن ته ٽرمپ جي پارٽي ريپبلڪن جي ٽن ميمبرن به جنگ جي خلاف ووٽ ڏنو.
قرارداد جي رڳو هڪ ووٽ جي فرق سان ناڪامي ٽرمپ جي جنگ بابت وڌندڙ بي چيني کي ظاهر ڪيو.
ڊيموڪريٽس طرفان بار بار ووٽ ڪرائڻ جي حڪمت عملي جي سربراهه سينيٽر ٽم ڪين چيو ته هڪ ڏينهن ايندو ۽ اهو ڏينهن جلد ئي اچي سگهي ٿو جڏهن هي سينيٽ صدر کي چوندي ته جنگ روڪيو.
You might also like