اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايوان صدر ۾ مختلف شعبن ۾ شاندار خدمتون سرانجام ڏيندڙن کي ايوارڊ ورهائڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي. صدر آصف علي زرداري مختلف شخصيتن کي ايوارڊ ورهايا. توانائي شعبي جي سڌارن واري وفاقي وزير اويس لغاري کي هلال امتياز ايوارڊ سان نوازيو ويو. نجڪاري جي صلاحڪار محمد علي کي توانائي شعبي ۾ سندس قدمن ۽ عوامي خدمتن جي شعبي ۾ خدمتن تي هلال امتياز سان پڻ نوازيو ويو. ڪرڪيٽر شاهد آفريدي کي هلال امتياز جبل چاڙهو شهروز ڪاشف کي سندس ماءُ کان هلال امتياز ايوارڊ مليو. بحرين جي سفارتڪار محمد ابراهيم محمد عبدالقادر کي ستاره پاڪستان ايوارڊ سان نوازيو ويو.مرحوم نوابزاده نصرالله خان کي جمهوريت لاءِ خدمتن تي نشان امتياز، عطاءُ الحق قاسمي کي ادب جي ميدان ۾ شاندار خدمتن تي نشان امتياز ۽ مرحوم عرفان الحق صديقي کي ادب ۽ عوامي خدمت جي ميدان ۾ خدمتن تي. اصغر نديم سيد کي ادب جي ميدان ۾ خدمتن تي هلال امتياز سان نوازيو ويو. سپاهي اظهر محمود کي هلال شجاعت سان نوازيو ويو، جڏهن ته ملڪ جي دفاع ۾ پنهنجي جان قربان ڪندڙ سپاهي شاهه ولي خان کي به هلال شجاعت سان نوازيو ويو. اي ايس آءِ اعجاز خان شهيد کي هلال شجاعت سان نوازيو ويو، جڏهن ته ملڪ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪندڙ ڪانسٽيبل عالم زيب شهيد کي به هلال شجاعت سان نوازيو ويو. پوليس لائن بنون ۾ دهشتگردن کي روڪڻ واري ڪانسٽيبل حفيظ الله کي به ايوارڊ سان نوازيو ويو. سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري کي اعليٰ تعليم ۽ زرعي معيشت جي شعبن ۾ سندس شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ کيس ملڪ جي اعلي ۽ باوقار “تمغهِ امتياز” ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو. سنڌ جي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار کي ستاره امتياز سان نوازيو ويو. شهيد لياقت علي لاءِ ستاره جرئت، جڏهن ته تعليمدان نواب علي شهيد کي پڻ سندس بي مثال بهادري تي ستاره جرئت سان نوازيو ويو، ان کان علاوه سينيٽر هدايت الله شهيد کي به ستاره جرئت سان نوازيو ويو. اي ايس آءِ محمد اڪرم شهيد، سب انسپيڪٽر تاج مير شهيد کي انهن جي بي مثال بهادري تي ستاره جرئت سان نوازيو ويو.