خيرپور(ڊر ) سينيئر صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ خيرپور ميرس ۾ پيپلز بس سروس جي ٻن نون روٽن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ خيرپور جي عوام لاءِ انتهائي اهم ۽ خوشيءَ جو ڏينهن آهي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر ۽ وڏي وزير سنڌ جي طرفان خيرپور جي عوام لاءِ پيپلز بس سروس شروع ڪئي پئي وڃي۔ هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي هر دورِ حڪومت ۾ تاريخي ڪم ڪيا آهن ۽ هر ڳوٺ، تعلقي ۽ ضلعي ۾ رڪارڊ ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرايا آهن۔ سڀني ڪوششن باوجود پيپلز پارٽي تي تنقيد ۽ ميڊيا ٽرائل ڪيو ويندو آهي پر سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ جنهن نموني ترقياتي ڪم ٿيا آهن ان جي مثال نٿي ملي۔ هن چيو ته خيرپور جا ماڻهو خوش قسمت آهن جن کي مخلص نمائندا مليا آهن۔ خيرپور جي عوام هميشه پاڪستان پيپلز پارٽي تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ مخالفن کي شڪست ڏني۔ هن چيو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي نمائندن عوامي خدمت نه ڪئي هجي ها ته هو پنهنجي حلقن ۾ ڪامياب نه ٿين ها۔ هن چيو ته ڪجهه سياسي پارٽيون اتحاد ٺاهي چونڊون وڙهن ٿيون پر عوام کين رد ڪري ڇڏي ٿو ۽ ايندڙ وقت ۾ به شڪست سندن مقدر هوندي۔ هن چيو ته 2024ع جي چونڊن ۾ ڪجهه اميدوارن کي پنهنجي گهرن جا ووٽ به حاصل نه ٿي سگهيا،هن چيو ته سياست ۾ هر جماعت کي حصو وٺڻ جو حق حاصل آهي پر تنقيد اخلاقي دائري ۾ رهندي ڪرڻ گهرجي۔ هن چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو مقابلو ڪنهن به سياسي جماعت سان ناهي۔ ان موقعي تي ايم اين اي سيده نفيسه شاهه جيلاني، ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه، ايم پي اي هالار خان وساڻ، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر نواب خان وساڻ ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور الطاف احمد چاچڙ پڻ خطاب ڪيو