ڪي پي کي رتورت ڪرڻ ملڪ ٽوڙڻ جي شروعات آهي:مولانا عطاالرحمان

اسلام آباد(بيورو)جمعيت علماء اسلام پاڪستان جي سينيٽر مولانا عطا الرحمان وفاقي ۽ خيبرپختونخوا حڪومت جي قدمن  تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته صوبي جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي ۽ لڳي ٿو ته اسان جو صوبو دهشتگردن جي حوالي ڪيو ويو آهي.سينيٽ ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته اسان رت جا ڳوڙها روئي رهيا آهيون، پر حڪومت کي رڳو پنهنجي بلن جي فڪر آهي. خيبرپختونخوا ۾ لاش کڄي رهيا آهن پر اسان کي ڳالهائڻ جي به اجازت ناهي ڏني پئي وڃي.مولانا عطا الرحمان چيو ته خدا نه ڪري توهان ملڪ ٽوڙڻ جي شروعات ڪري رهيا آهيو، اسان ملڪ کي ٽوڙڻ نٿا چاهيون، پر توهان ڇو خيبرپختونخوا کي رت ۾ وهنجڻ ڏسڻ چاهيو ٿا؟ لڪي مروت ۽ نورنگ بازار جي صورتحال ڏسو جتي تشدد ۽ خونريزي ٿي رهي آهي.هن وڌيڪ چيو ته بار بار مطالبو ڪيو ويو آهي ته ان ڪيس تي ان ڪيمرا اجلاس گهرايو وڃي ته جيئن اصل صورتحال واضح ٿئي، پر اڃا تائين اجلاس ناهي گهرايو ويو.مولانا چيو ته ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ قيد ٿي ويا آهن، شام جو زندگي ٺپ ٿي وڃي ٿي. جيڪڏهن خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ رت وهي ٿو ته حڪومت کي پرواهه ئي ناهي. اسان جو رت ايترو سستو ڇو ٿي ويو آهي؟هن چيو ته جيڪڏهن اهو احساس پيدا ٿيو ته خيبرپختونخوا جو رت بي وقعت آهي ته پوءِ اهو ملڪ ٽوڙڻ جي بنياد بڻجي سگهي ٿو. اسان ملڪ کي ٽوڙڻ نٿا چاهيون، پر ادارن کي اسان جو احساس ڪرڻ گهرجي.مولانا عطا الرحمان چيو ته صوبي ۾ دهشتگردي وڌي وئي آهي، حڪومت جي رٽ نظر نٿي اچي، ۽ وزيراعليٰ به مصروف نظر اچي ٿو.وفاقي وزير طارق فضل چوڌري جواب ۾ چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته ڪنهن جي آواز کي نه ٻڌو پيو وڃي. پوري قوم ڄاڻي ٿي ته فوج ۽ ادارا دهشتگردي خلاف ڄميل آهن. ملڪ قائم رهندو ۽ ٽٽندو نه.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.