گهرو وزير پاران منشيات وڪرو ڪيس ۾ گرفتار ”پنڪي“ کي عدالت ۾ وي آءِ پي پروٽوڪول ڏيڻ جو نوٽيس، رپورٽ طلب

ڪراچي)ويب ڊيسڪ) ۾ منشيات برآمدگي ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ واري ڪيس ۾ پوليس گرفتار جوابدار عورت انمول عرف پنڪي کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، عدالت جوابدار عورت کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي.
صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار منشيات ڪيس ۾ گرفتار انمول عرف پنڪي کي پروٽوڪول ڏيڻ جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي.
گهرو وزير ضياءَ لنجار واقعي جي شفاف انڪوائري جو حڪم ڏيندي سوال ڪيو ته جوابدار عورت کي پروٽوڪول ڪيئن ڏنو ويو؟ ذميوار اهلڪار وضاحت پيش ڪن.
هن جوابدار عورت کي پروٽوڪول فراهم ڪندڙ اهلڪارن خلاف فوري ڪارروائي جو به حڪم ڏنو.
ضياءَ لنجار چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ساک متاثر ڪندڙن خلاف ايڪشن ورتو ويندو، عدالتن ۾ جوابدارن کي غير ضروري پروٽوڪول ڏيڻ انصاف جي گهرجن جي خلاف آهي، سنڌ حڪومت قانون جي حڪراني تي ڪا به سوديبازي نه ڪندي.
ٻئي پاسي آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو به جوابدار عورت پنڪي جي پيشي دوران ايس او پي ۽ ظابطن جي ڀڃڪڙي جو سخت نوٽيس ورتو آهي.
پوليس ترجمان موجب، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي واقعي جي تفصيلي شروعاتي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، غفلت ۽ ڪوتاهي ڪندڙ جاچ آفيسر ۽ عملي کي فوري معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، جڏهن ته واقعي جي شفاف جاچ لاءِ سينيئر آفيسر جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.
آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو چيو ته ايڊيشنل آءِ جي پاڻ ان واقعي جي جاچ جي نگراني ڪندو، ملوث اهلڪارن خلاف کاتي جي سطح تي ڪارروائي ٿيندي، ڪميٽي جلد کان جلد ذميوارن جو تعين يقيني بڻائيندي.
ڪراچي پوليس چيف به جوابدار عورت کي هٿ ڪڙيءَ بنا عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي واقعي جي انڪوائري جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
ڪراچي پوليس چيف آزاد خان واضح ڪيو ته قانون ۽ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي قطعي برداشت نه ڪئي ويندي، پوليس جا سمورا آفيسر ۽ اهلڪار ظابطن جا پابند آهن.
پوليس ترجمان ٻڌايو ته بنا هٿ ڪڙي جي جوابدار عورت جي پيشي تي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو امڪان آهي.
ياد رهي ته ڪراچي ۾ گارڊن پوليس اڄ ڪامياب ڪارروائي ڪندي منشيات وڪرو ڪندڙ عورت کي گرفتار ڪيو هو.
پوليس جي دعويٰ آهي ته جوابدار عورت انمول عرف پنڪي کان پستول، ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪوڪين، ڪيميڪلز ۽ ٻيون نشي آور شيون هٿ ڪيون ويون آهن.
پوليس موجب، انتهائي گهربل ۽ 10 ڪيسن ۾ روپوش جوابدار عورت شهر ۾ منشيات ڊيلنگ ۽ سپلائي جي نيٽ ورڪ کي آپريٽ ڪري رهي هئي.
جوابدار عورت آن لائن منشيات کي مخصوص رائڊرز ذريعي سپلائي ڪندي هئي، ان کان کانسواءِ هوءَ عورت رائڊرز جو به استعمال ڪندي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.