ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديشي وڪيٽ ڪيپر لٽن داس طرفان پاڪستاني بيٽر محمد رضوان تي لفظي حملن واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
بنگلاديش پاڪستان کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 104 رنسن تان شڪست ڏئي ٻن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي، ڍاڪا ٽيسٽ ۾ ناهيد رانا جي تباهه ڪندڙ بالنگ آڏو پاڪستاني بيٽنگ لائين لاءِ 268 رنسن جو هدف پهاڙ بڻجي ويو ۽ پوري ٻي اننگز ۾ 163 آئوٽ ٿي وئي.
پهرين ٽيسٽ ميچ جي پنجين ڏينهن محمد رضوان تي بنگلاديشي وڪيٽ ڪيپر لٽن داس لفظي وار ڪندو رهيو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
وائرل وڊيو ۾ لٽن داس کي واضح طور اهو چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته ”پاڪستان ۾ رضوان جي ساک ڏاڍي خراب آهي، سندس ساک ايتري ڪِري چڪي آهي، جيڪڏهن هو وڏي شاٽ کيڏڻ جي ڪوشش ۾ آئوٽ ٿي ويو ته هو ملڪ ۾ قدم به نه رکي سگهندو.“
واضح رهي ته محمد رضوان جي فارم ۾ گذريل ڪجهه سالن دوران نمايان گهٽتائي آئي آهي، خراب فارم سبب کائنس ڪپتاني کسي وئي آهي ۽ هاڻي هو سمورن فارميٽس ۾ پنهنجي جاءِ برقرار رکڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي.
”رضوان جي ملڪ ۾ عزت ناهي، آئوٽ ٿي ويو ته پاڪستان ۾ قدم نه رکي سگهندو“ لٽن داس جي وڊيو وائرل
You might also like