ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود بنگلاديش هٿان پهرين ٽيسٽ ۾ شڪست تي چيو آهي ته ڪنهن تي به الزام نه لڳائيندس، ذميواري پاڻ کڻندس، ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ وقفو اچڻ سان شيون ڏکيون ٿي وينديون آهن.
ڍاڪا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شان مسعود جو چوڻ هو ته ناهيد رانا ٽيم پلاننگ ۽ بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪيو، هارائڻ تي مايوسي ٿي، اسان کي اميد هئي ته اسان جا سيٽ بيٽر گيم کي ڊگهو کڻي ويندا پر بدقسمتي سان ائين نه ٿيو، جيڪڏهن اسان جا سيٽ بيٽر ڊگهو کيڏن ها ته اسان ميچ ڊرا ڪري سگهون پيا.
شان مسعود جو چوڻ هو ته هاڪاري ڳالهه اها آهي ته اذان اويس ۽ عبدالله فضل بهترين راند پيش ڪئي، عبدالله کي اڄ صبح ٽريننگ دوران مٿي ۾ بال لڳو هو پر ان باوجود هن بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو، وڌيڪ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏي ٻئي نوجوان بيٽر وڌيڪ مئچور ٿيندا.
ٽيسٽ ڪپتان جو چوڻ هو ته ڪپتان طور ائين نه چوندس ته بالر يا بيٽر سٺي راند پيش نه ڪئي، بالرن ڪجهه سيشن ۾ بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪيو، بنگلاديش جي نجم الحسين شانتو ۽ مومن الحق زبردست اننگز کيڏيون، اسان کي لڳو ته مومن الحق ۽ شانتو جي ڀائيواري جي ڪري ميچ هٿن مان نڪري وئي.
شان مسعود جو چوڻ هو ته منهنجي خيال ۾ هيءَ بهترين ٽيسٽ پچ هئي، اسپنرن فاسٽ بالرن کي وڪيٽون وٺڻ ۾ مدد ڪئي، هدف ملڻ کانپوءِ فيصلو ڪيو ته ڪنڊيشن مطابق کيڏنداسين، چانهه جي وقفي تائين ميچ پڪڙ ۾ هئي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ غلطين مان سکي سٺي راند پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، شڪست تي ڪنهن تي به الزام نه لڳائيندس، ذميواري پاڻ کڻندس، ڪپتان طور ڪوشش ڪندو آهيان ته شين کي بهتر ڪريان، ماڊرن ڊي ڪرڪيٽ ۾ رانديگر پاڻ کي هر هنڌ ايڊجسٽ ڪندو آهي، ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ وقفو اچڻ سان شيون مشڪل ٿي وينديون آهن.