بالي ووڊ هميشه رڳو فلمن تائين محدود ناهي رهيو، هي جذبن، موسيقي، رومانس ۽ اهڙن هيروز جو نالو آهي جن جون ڪهاڻيون نسلن کي پاڻ ۾ ڳنڍين ٿيون.
هندي سئنما جي ڪيترن ئي مشهور چهرن جو هڪ جذباتي رشتو ان ڌرتيءَ سان آهي جيڪا هاڻي پاڪستان آهي. ورهاڱي کان اڳ، ڪيتريون ئي شخصيتون پشاور، لاهور، ڪوئيٽا ۽ جهلم جهڙن شهرن ۾ ڄايون هيون.
جڏهن ورهاڱي دوران خاندانن هجرت ڪئي ته هو پنهنجي يادن، خوابن ۽ سئنما لاءِ گهري محبت به پاڻ سان گڏ کڻي ويا.
سالن پُڄاڻا اهي ئي شخصيتون بالي ووڊ جي دل جي ڌڙڪن بڻجي ويون.
يادگار رومانوي هيرو کان وٺي اڻ وسرندڙ ولن تائين، انهن ستارن ڀارتي سئنما کي نئون روپ ڏنو، بالي ووڊ جي ڪجهه اهڙن اهم نالن جا تفصيل هيٺ ڏيجن ٿا.
دليپ ڪمار:
پشاور جي قصا خواني بازار ۾ محمد يوسف خان جي نالي سان جنم وٺندڙ دليپ ڪمار ڀارتي سئنما جو عظيم اداڪار بڻيو. سندس جذباتي اداڪاري ۽ ڪلاسيڪل فلمن کيس ”ٽريجڊي ڪنگ“ ۽ بالي ووڊ جو هڪ حقيقي ڏند ڪٿا بڻائي ڇڏيو.
راج ڪپور:
بالي ووڊ جو ”شو مين“ راج ڪپور پشاور جي مشهور ڪپور حويلي ۾ ڄائو هو.
”آوارا“ کان وٺي ”شري 420“ تائين، هن اهڙا شاهڪار تخليق ڪيا جن کي اڄ به سڄي دنيا ۾ پسند ڪيو وڃي ٿو، ” ميرا نام جوڪر“ کي هندي سئنما جو شاهڪار سمجهو ويندو آهي.
ديو آنند:
شڪر ڳڙهه (نارووال) ۾ پيدا ٿيندڙ ديو آنند پنهنجي اسٽائلش شخصيت ۽ دلڪش مُرڪ سبب بالي ووڊ جو سڀ کان وڌيڪ پسنديده رومانوي ستارو بڻجي ويو.
سنيل دت:
جهلم ضلعي جي خرد نالي ڳوٺ ۾ اکيون کوليندڙ سنيل دت پنهنجي فلمن ۽ انسانيت جي خدمت ذريعي وڏي عزت ماڻي. نرگس سان سندس محبت جي ڪهاڻي بالي ووڊ جي تاريخ ۾ اڄ به يادگار آهي.
امريش پوري:
وڏي پردي تي ”موگيمبو“ جو اڻ وسرندڙ ڪردار ادا ڪندڙ امريش پوريءَ جو جنم به لاهور ۾ ٿيو هو، سندس گرجدار آواز ۽ شخصيت ولن جي ڪردارن کي هميشه لاءِ بدلائي ڇڏيو.
گلزار:
جهلم جي علائقي دينا ۾ پيدا ٿيندڙ سمپورن سنگهه گلزار ڀارتي سئنما جي روح کي تڙپائيندڙ گيت ۽ يادگار شاعري ڏني، جيڪا اڄ به دلين ۾ گهر ڪرڻ جو ٻلُ رکي ٿي.
سُريش اوبراءِ:
ڪوئيٽا ۾ جنم وٺندڙ سريش اوبراءِ ورهاڱي کانپوءِ پنهنجي ڪٽنب سوڌو هندستان منتقل ٿي ويو ۽ بالي ووڊ ۾ هڪ معتبر نالو بڻيو.
پرٿوي راج ڪپور:
فيصل آباد ۾ پيدا ٿيندڙ پرٿوي راج ڪپور بالي ووڊ جي مشهور ڪپور خاندان جو بنياد رکيو ۽ ڀارتي ٿيٽر توڙي سئنما ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيا.
فيروز خان:
هندي سئنما ۾ اولهه وارو انداز (ڪائو بواءِ اسٽائل)، گليمر ۽ ايڪشن جو نئون رخ متعارف ڪرائيندڙ فيروز خان جو جنم به پشاور ۾ ٿيو هو.
اداڪارن جو هي سفر رڳو جاگرافيائي سرحدن تائين محدود نه هو، هي سئنما، جنون، جدوجهد ۽ هڪ اهڙي ورثي جي ڪهاڻي آهي جيڪا سرحدن جي تبديليءَ باوجود هميشه قائم رهندي.
اڄ به پاڪستان ۾ موجود انهن فنڪارن جا اباڻا گهر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.