ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 12 مئي 2007ع تي پيش آيل سانحي جي ورسي جي موقعي تي ڪراچي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته ان سانحي ۾ معصوم جانيون نفرت ۽ تشدد ور چڙهي ويون.
بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 12 مئي سانحي جي شهيدن جون قربانيون اڄ به هڪ ڏکوئيندڙ پر لازوال يادگار آهن، اهي قربانيون جمهوريت، انصاف ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ ادا ڪيل قيمت جي ياد ڏيارين ٿيون.
سندس چوڻ هو ته 12 مئي تي ڪراچي ۾ پيش آيل واقعو رڳو هڪ سانحو نه هو پر هي عوام جي عزم ۽ جمهوري جدوجهد جي علامت بڻجي ويو، جيالن، سياسي ڪارڪنن ۽ ڪراچي جي عوام ان ڏينهن بي مثال جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو ۽ خوف ۽ جبر جي خلاف مزاحمت جو هڪ نئون مثال قائم ڪيو.
بلاول ڀٽو چيو ته ڪراچي جي رستن تي وهندڙ رت ان حقيقت جي شاهدي ڏئي ٿو ته عوام جمهوريت، انصاف ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن، قومون پنهنجا زخم وساري نه پر انهن کي سچائي ۽ وقار سان ياد رکي ئي شفا ماڻينديون آهن.
پ پ چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ اِهو عزم ورجايو ته پارٽي هڪ پُر امن، جمهوري ۽ روادار پاڪستان لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي، جتي ڪنهن به شهري جو آواز تشدد ذريعي خاموش نه ڪرايو وڃي ۽ ڪو به شهر ڊپ جي پاڇي ۾ يرغمال نه هجي.