ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ۽ ميزبان فضا علي پاڪستاني اداڪارائن کي مختصر لباس پائڻ بابت صلاح ڏيندي چيو آهي ته کين اسلامي جمهوريه پاڪستان جي ماحول ۽ ثقافت کي نظر ۾ رکڻ گهرجي.
ويجهڙ ٽِڪ ٽاڪر سوزين خان جو انٽرويو ڪندي فضا علي چيو ته پاڪستاني شوبز شخصيتن کي لباس جي چونڊ ۾ حدن جو خيال رکڻ گهرجي ڇو ته پاڪستان هڪ اسلامي رياست آهي.
فضا علي جو چوڻ هو ته منهنجي خيال ۾ اداڪارائن کي پنهنجون حدون برقرار رکڻ گهرجن ڇو ته اسان پاڪستان ۾ رهون ٿا، اسان کي پنهنجي ثقافت کي فالو ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته جيڪڏهن اداڪارائون بولڊ لباس پائين ٿيون ته ان کي اسلامي رياست ۾ مناسب ناهي سمجھيو ويندو، جنهن کانپوءِ تڪرار ۽ تنقيد جنم وٺي ٿي ڇو ته ماڻهو پنهنجي اداڪارائن کي اهڙي انداز ۾ ڏسڻ پسند نٿا ڪن.
انٽرويوءَ دوران ميزبان سوزين خان جي پراڻين بولڊ سوشل ميڊيا وڊيوز جو به ذڪر ڪيو ۽ کانئس سوال ڪيو ته هن پنهنجون وائرل بولڊ ريلز اڃا تائين ڊليٽ ڇو ناهن ڪيون؟