تامل ناڊو ۾ ”وجئه راڄ“ شروع، رياست ۾ شراب تي پابندي لاڳو

چنائي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڀارتي رياست تامل ناڊو جي نئين چونڊيل وڏي وزير ۽ اڳوڻي اداڪار جوزف وجئه رياست ۾ شراب تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، جوزف وجئه رياست ۾ مندرن، اسڪولن ۽ بس اسٽينڊن جي 500 ميٽر جي حدن اندر قائم 717 سرڪاري شراب جي دڪانن کي ترت بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڄاڻايل دڪان تامل ناڊو اسٽيٽ مارڪيٽنگ ڪارپوريشن جي نگراني هيٺ هلي رهيا هئا، جن کي بند ڪرڻ لاءِ ٻن هفتن جو وقت ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.