ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ 27 مئي تي ٿيڻ جو امڪان آهي.
سپارڪو جي ترجمان جو چوڻ آهي ته 17 مئي تي سج لهڻ وقت نئين چنڊ جي عمر 18 ڪلاڪ 30 منٽ هوندي ۽ 17 مئي جي شام ذوالحج جو چنڊ نظر اچڻ جا چٽا امڪان آهن.
ترجمان موجب، پهرين ذوالحج 1447 هجري سومر 18 مئي تي ٿيڻ جي اميد آهي جڏهن ته ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ 27 مئي تي ٿيڻ جو امڪان آهي.
سپارڪو جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ذوالحج جي چنڊ جو حتمي فيصلو پاڪستان جي مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي ڪندي.