ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي بنگلاديشي ڪرڪيٽ ۽ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي ايڊهاڪ ڪميٽي جي سربراهه تميم اقبال چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع جي بائيڪاٽ واري معاملي تي بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي انتظاميا درست حڪمت عملي اختيار نه ڪئي، جيڪو ڪجهه به ٿيو، اسان ورلڊ ڪپ کيڏڻ جو موقعو وڃائي ڇڏيو، اهو مسئلو ڳالهين ذريعي حل ڪري سگهجي پيو.
بي سي بي صدر تميم اقبال ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو آهي ته جڏهن ورلڊ ڪپ جو مسئلو سامهون آيو ته مون سڀ کان پهريان چيو هو ته آءِ سي سي نرمي ڏيکاري آهي ۽ حل ڪڍڻ جي گنجائش موجود هئي، ان ڪري ڳالهين ذريعي رستو ڳولڻ گهرجي ها.
هن چيو ته 1996-97ع ۾ بنگلاديش ڪينيا خلاف آءِ سي سي ٽرافي کٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو جنهن تي سڄي ملڪ ۾ جشن ملهايو ويو ۽ هر نوجوان ڪرڪيٽر بڻجڻ جا خواب ڏسڻ لڳو هو، پر هاڻي بنگلاديش بنا ڪنهن ڊائيلاگ جي ورلڊ ڪپ کيڏڻ جو موقعو وڃائي ڇڏيو.
تميم اقبال جو چوڻ آهي ته ممڪن آهي ته موجودا اسڪواڊ جي ڪيترن ئي رانديگرن کي ٻيهر عالمي ڪپ کيڏڻ جو موقعو نه ملي، ان ڪري اِها صورتحال مون کي بلڪل به سٺي نه لڳي.
هن چيو ته ڀارتي بورڊ جي صدر مٿن منهاس سان مون تمام گهڻي ڪرڪيٽ کيڏي آهي ۽ ٻنهي بورڊن جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جو مسئلو ناهي، هاڻي سيڪيورٽي جو به ڪو اشو ناهي ۽ ڀارتي ٽيم کي ڪڏهن به خطرو ناهي رهيو.
تميم اقبال چيو ته جڏهن به ڀارتي ٽيم بنگلاديش ايندي آهي ته اسٽيڊيم ڀرجي ويندا آهن ۽ بنگلاديش ڀارت سيريز شاندار ثابت ٿيندي آهي.
پاڪستان طرفان يڪجهتي جي طور تي ورلڊ ڪپ جي بائيڪاٽ بابت پڇيل سوال تي تميم اقبال تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪندي چيو ته مان ان گروپ جو حصو نه هوس، ان ڪري ان معاملي تي ڪجهه نٿو چئي سگهان.