خيرپور (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪم ڪري رهي آهي.
خيرپور ۾ پيپلز بس سروس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پروپيگنڊا به سڀ کان وڌيڪ اسان جي خلاف ڪئي ويندي آهي، اسان جو ڪنهن سان ڪو جهيڙو ناهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته چاهيون ٿا ته سموريون سياسي جماعتون سياست ڪن، هن وقت پيپلز پارٽي جو مقابلو ڪنهن به جماعت سان ناهي.
هن چيو ته خيرپور ۾ پيپلز بس جا 2 روٽ شروع ڪري رهيا آهيون، وڌيڪ بسون به اينديون، ان کانسواءِ پنڪ بسون، عورتن لاءِ اسڪوٽيون ۽ ڊبل ڊيڪر بسون به هلايون وينديون.
شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جنهن نموني ڪم ڪري رهي آهي، هر چونڊ ۾ سرخرو ٿيندي، اڄ به سڄي پاڪستان مان مريض علاج لاءِ سنڌ ايندا آهن.
پيپلز پارٽي جو مقابلو ڪنهن سان به ناهي، پاڪستان ۾ سڀ کان گهڻو ڪم اسان ڪيو آهي: شرجيل ميمڻ
You might also like