وڏي وزير جو حيدرآباد ۾ 7 سالن کان رولڙي جو شڪار شهيد بينظير ڀٽو فلاءِ اوور ترت مڪمل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حيدرآباد ۾ شهيد بينظير ڀٽو فلاءِ اوور منصوبي تي فوري طور ڪم شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
حيدرآباد جي ترقياتي منصوبن بابت وڏي وزير جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، منصوبابندي ۽ ترقي واري وزير جام خان شورو، ورڪس اينڊ سروسز واري وزير علي حسن زرداري، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ مڪاني کاتي جي سيڪريٽري وسيم شمشاد شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ وڏي وزير هدايت ڪئي ته فلاءِ اوور کي جولاءِ جي پهرئين هفتي تائين مڪمل ڪيو وڃي.
هن جولاءِ ۾ ئي فلاءِ اوور جو افتتاح ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
اجلاس کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته منصوبي لاءِ زمين جو قبضو 2018ع ۾ ڏنو ويو هو، پر قانوني ڪارروائي ۽ ٻين مسئلن سبب اڏاوتي ڪم رڪيل هو، حيدرآباد باءِ پاس کان اڪرم واهه تائين وارو هي منصوبو وفاقي اسڪيم جو حصو هو.
بريفنگ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته صوبائي حڪومت اڳ ئي ڪافي سول ورڪس مڪمل ڪري چڪي آهي ۽ 24 پل گرڊرز جي ڪاسٽنگ به مڪمل آهي، پر اڃا تائين ڍانچو اڻپورو آهي.
وڏي وزير سموريون فني ۽ مالي رڪاوٽون فوري طور حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته فلاءِ اوور منصوبي ۾ وڌيڪ دير برداشت نه ڪئي ويندي، ڇو ته هي شهري ٽريفڪ جي دٻاءُ کي گهٽائڻ لاءِ هڪ اهم منصوبو آهي.
وڏي وزير کاتن کي فوري طور پاڻ ۾ رابطا ڪرڻ ۽ ڪم تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
صوبائي وزير ورڪس علي حسن زرداري وڏي وزير کي خاطري ڪرائي ته هو فلاءِ اوور جي ترقياتي ڪم جي نگراني ڪندو ۽ جولاءِ تائين ان جي تڪميل کي يقيني بڻايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.