واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ايراني پاسداران انقلاب جي مالي ميڪانيزم بابت ڄاڻ ڏيندڙ لاءِ ڏيڍ ڪروڙ ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، انعام جو اعلان اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ”انصاف پروگرام“ تحت ڪيو ويو آهي.
ايراني پاسداران انقلاب جي مالي ميڪانيزم بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو مقصد ايراني معيشت ۽ حڪومت تي معاهدي لاءِ دٻاءُ وڌائڻ آهي.
آمريڪا اِهو ڄاڻڻ چاهي ٿوته ”پاسداران انقلاب پنهنجي ويڙهاڪن، مليشيا پراڪسين ۽ ڀائيوارن کي فنڊز ۽ مواد ڪيئن منتقل ڪري رهيو آهي.“
رپورٽ موجب، آمريڪا اهو به ڄاڻڻ چاهي ٿو ته پاسداران انقلاب کي ڏي وٺ (ٽرانزيڪشن) ۾ سهولت فراهم ڪندڙ مالي ادارا يا ايڪسچينج هائوسز ڪهڙا آهن ۽ سندس ملڪيت ۾ هلندڙ ڪاروبار ڪهڙا آهن.