”سون نه وٺو، شاديون ملتوي ڪيو“ مودي جي ڀارتين کي اپيل

حيدرآباد دکن (ويب ڊيسڪ)ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي عوام کي سون نه خريد ڪرڻ، پيٽرول جو استعمال گهٽائڻ ۽ شاديون ملتوي ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.
حيدرآباد دکن ۾ هڪ عوامي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم نريندي مودي عوام تي زور ڀريو ته اهي پيٽرول ۽ ڊيزل جو استعمال گهٽائن، جتي ممڪن هجي اتي پبلڪ ٽرانسپورٽ، ميٽرو ۽ اچ وڃ جا ٻيا عوامي ذريعا استعمال ڪن.
هن چيو ته جتي پرائيويٽ گاڏين جو استعمال لازمي هجي اتي ڪار پولنگ کي هٿي ڏني وڃي، ايستائين جو شاديون ۽ پرڏيهي سفر به ملتوي ڪيا وڃن ته جيئن غير ضروري پرڏيهي مٽاسٽا خرچن کان بچي سگهجي.
هن چيو ته اسان کي پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا بچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻي پوندي.
ان ڏس ۾ ملڪي سطح تي معاشي حب الوطني جي ضرورت تي زور ڏيندي ڀارتي وزيراعظم ڪورونا وائرس جي دور ۾ لاڳو ڪيل ” ورڪ فرام هوم“ واري نظام کي ٻيهر اختيار ڪرڻ، آن لائن ڪانفرنسز ۽ ورچوئل ميٽنگز کي هٿي ڏيڻ جي به اپيل ڪئي.
اها اپيل اهڙي وقت ۾ ڪئي وئي آهي جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ ڀارت جي پرڏيهي مٽاسٽا جي شرح ۽ مجموعي معيشت تي سخت دٻاءُ وڌو آهي.
رپورٽن موجب، آبناءِ هرمز جي بندش سبب ڀارت کي درپيش سڀ کان وڏو چئلينج پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن تي پوندڙ دٻاءُ آهي.
ڀارت دنيا جو ٽيون نمبر وڏو تيل درآمد ڪندڙ ملڪ آهي ۽ نار وارن ملڪن مان درآمد ٿيندڙ تيل تي تمام گهڻو ڀاڙي ٿو ، جنهن جي ڪري ذخيرن تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن.
فنانشل ٽائمز جي رپورٽ موجب، گذريل هڪ مهيني دوران ڀارت جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 7.79 ارب ڊالرن جي گهٽتائي کانپوءِ اهي 690.69 بلين ڊالر رهجي ويا آهن.
ڪچي تيل جي وڌندڙ اگهن ۽ عالمي عدم استحڪام سبب ڀارت جي پرڏيهي مٽاسٽا تي سخت دٻاءُ آهي، جنهن ڪري سون گهرائڻ ۽ ٻاهرين سفرن جي خرچن ۾ گهٽتائي ڪري ملڪ کي معاشي طور مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.