ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو(نيب ) بحريا ٽائون ڪراچي خلاف وڏي ڪارروائي ڪندي ملڪ رياض جي 67 ايڪڙن تي قائم ”علي ولا“ حويلي منجمد ڪري ڇڏي آهي.
علي ولا بحريا هلز ۾ قائم آهي، جنهن ۾ هيلي پيڊ ۽ مني چڙيا گهر پڻ شامل آهن.
نيب 1338 ايڪڙ زمين به منجمد ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ بحريا گرينز ۽ مختلف پريسنڪٽس جي زمين نيب جي تحويل ۾ اچي وئي آهي.
ان ڪارروائي سان پريسنڪٽس 33، 34، 38 کان 40، 42 ۽ 61 متاثر ٿيا آهن، منجمد ڪيل زمين سنڌ حڪومت جي ملڪيت قرار ڏني وئي آهي.
ان کانسواءِ بحريا ٽائون 2 جي 3150 ايڪڙ زمين پڻ منجمد ڪئي وئي آهي، بحريا ٽائون 2 تي ٻيلن کاتي جي زمين استعمال ڪرڻ جو الزام آهي، نيب موجب زمين دوکي سان خريد ڪئي وئي هئي.
ڊي جي نيب ڪراچي ڌار حڪمنامو جاري ڪندي لاڳاپيل ادارن کي ٽئين ڌر جي نالي تي منتقلي روڪڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته بحريا ٽائون ڪراچي کي زمين جي وڪري يا ٽرانسفر کان پڻ روڪيو ويو آهي.
نيب جو ريفرنس نمبر 1/2025 احتساب عدالت ڪراچي ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
نيب موجب، 17 هزار 672 ايڪڙ سرڪاري زمين ۾ گهوٻين جو الزام آهي، جنهن جي ماليت 708 ارب رپيا ٻڌائي پئي وڃي.
سنڌ حڪومت جي ڪجهه اهلڪارن جي ڳٺجوڙ سان ايم 9 موٽر وي جي ويجهو بحريا ٽائون تعمير ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي.