ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ناهيد رانا جي تباهه ڪندڙ بالنگ جي مدد سان ڍاڪا ٽيسٽ پاڪستان کي 104 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ميرپور ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ بنگلاديش پاڪستان کي 104 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
268 رنسن جي هدف جي جواب ۾ پاڪستاني بيٽنگ واري جي ڀت ثابت ٿي، عبدالله فضل 66 رنسون ٺاهي ڪجهه مزاحمت ڪئي، پر ٻيو ڪو به بيٽر ناهيد رانا جي تيز بالنگ جو مقابلو نه ڪري سگهيو. پوري ٽيم 163 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
بنگلاديش جي نوجوان فاسٽ بالر ناهيد رانا شاندار بالنگ ڪندي 5 پاڪستاني رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته تسڪين احمد ۽ تيج الاسلام 2-2 وڪيٽون ورتيون.
واضح رهي ته ان کان اڳ بنگلاديش پنهنجي ٻي اننگز 240 رنسن تي ڊڪليئر ڪئي، جنهن ۾ نجم الحسين شانتو 87 ۽ مومن الحق 56 رنسون ٺاهي پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 268 رنسن جو هدف ڏنو.
بنگلاديش جي پهرين اننگز:
بنگلاديش پهرين اننگز ۾ 413 رنسون ٺاهيون، هيون ڪپتان نجم الحسين شانتو 101 ۽ مومن الحق 91 رنسن جي اننگز کيڏي هئي. پاڪستان جي محمد عباس 5 وڪيٽون ورتيون.
پاڪستان جي پهرين اننگز:
بنگلاديش جي 413 رنسن جي جواب ۾ پاڪستان ٽيم پهرين اننگز ۾ 386 رنسن آل آئوٽ ٿي وئي، ڊيبيو ڪندڙ اذان اويس شاندار 103 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته عبدالله فضل 60 رنسون اسڪور ڪيون، بنگلاديش جي مهدي حسن ميراز 5 وڪيٽون ورتيون ڪيون.
بنگلاديش هن فتح سان ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ جي پوائنٽس ٽيبل تي پڻ اهم پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي.