سنڌ جي تاريخ ۾ شايد ئي ڪو اهڙو دور آيو هجي، جڏهن نوجوان نسل ايتري مايوسي، بيچيني ۽ احساسِ محرومي جو شڪار رهيو هجي، جيترو اڄ آهي. خاص طور تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي حوالي سان نوجوانن جي دلين ۾ شديد بيچيني ۽ اضطراب موجود آهي. اهو ادارو، جيڪو ميرٽ، شفافيت ۽ قابليت جي بنياد تي سنڌ جي نوجوانن کي اڳتي آڻڻ لاءِ قائم ڪيو ويو هو، اڄ هزارين خوابن جو قبرستان بڻجندو نظر اچي رهيو آهي۔
سنڌ جي پري پٺتي پيل ڳوٺن، ريگستاني علائقن، غريب بستين ۽ شهرن سان تعلق رکندڙ نوجوان پنهنجي والدين جي اميدن جو بار کڻي سالن تائين ڪتابن ۾ پنهنجو مستقبل ڳولين ٿا۔ ڪو پنهنجي زمين وڪڻي ڪوچنگ سينٽرن جون فيسون ڀري ٿو، ڪو غربت باوجود سڄي رات جاڳي تياري ڪري ٿو، ته ڪو پنهنجي خاندان جي واحد اميد بڻجي زندگي جا بهترين سال امتحانن جي نذر ڪري ڇڏي ٿو۔ پر جڏهن نتيجا سامهون اچن ٿا ته سوال پيدا ٿين ٿا، شڪ شبها وڌن ٿا، احتجاج ٿين ٿا، ۽ نوجوانن جي ذهنن ۾ اهو احساس مضبوط ٿيڻ لڳي ٿو ته شايد هتي قابليت کان وڌيڪ سفارش، سياسي اثر رسوخ ۽ ڪرپشن جو راڄ آهي۔
مان ذاتي طور ڄاڻان ٿو ته هن اداري جي ڪرپشن ۽ تباهي تڏهن بي نقاب ٿي، جڏهن صدر آصف علي زرداري پنهنجي ويجهي دوست جسٽس آغا رفيق کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين مقرر ڪيو۔ آغا رفيق جهڙو بيباڪ ۽ نڊر ڪردار جڏهن پهرين ڏينهن آفيس پهتو ته اهو هن سسٽم ۾ مڪمل طور مس فٽ هو۔ سندس چوڻ هو ته هن اداري ۾ ڪرپشن ته پنهنجي جاءِ تي، پر سياسي مداخلت سڄي اداري کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي۔ آخرڪار هن سسٽم جي جادو کان تنگ اچي جسٽس آغا رفيق سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين واري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جنهن جو رڪارڊ اڄ به ميڊيا وٽ موجود آهي۔
ان کان اڳ گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد جي دور ۾ به سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي جيڪا تباهي ڪئي وئي، اها تاريخ جو هڪ تلخ باب آهي۔ سياسي مداخلت ايتري هئي جو گورنر جي پرچيءَ تي نااهل اميدوارن کي به پاس ڪيو ويندو هو۔ تازو ڏينهن ۾ سنڌ جي نامور دانشور ۽ ليکڪ غلام نبي مغل جي پٽ اورنگزيب مغل سان ملاقات ٿي۔ هن ٻڌايو ته جڏهن ارباب غلام رحيم سنڌ جو وزيراعليٰ هو، تڏهن هڪ چيئرمين کيس ٽي ڀيرا صرف ان ڪري فيل ڪيو، ڇاڪاڻته سندس والد اخبارن ۾ حڪومت جي ڪرپشن خلاف لکندو هو۔ آخرڪار بغض جي باهه هڪ ڪالم نگار جي پٽ کي فيل ڪري ڪڍي وئي۔
اڄ هن ڪالم لکڻ کان اڳ مون متاثر شاگردن ڊاڪٽر طارق سھتو، شاهد حسين ، نادر ٻرڙو، غلام محمد سوھو، سنيل ڪمار، عمير عبدالله، راحيله نظير ۽ آصف شر سان رابطو ڪيو۔ انهن ٻڌايو ته 12 هزار شاگردن مان صرف 70 شاگردن کي سياسي اثر رسوخ جي بنياد تي پاس ڪيو ويو۔ سندن چوڻ موجب ڪرمنالاجي ۽ انوائرنمينٽل سائنس جي پيپرن کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو ۽ هن ڀيري رڳو هڪ سيڪڙو شاگردن کي ميرٽ تي پاس ڪيو ويو۔
خاص طور تي CCE امتحانن بابت هر سال سامهون ايندڙ الزام هاڻي صرف افواهه نه رهيا آهن، پر هڪ اجتماعي درد جي شڪل اختيار ڪري چڪا آهن۔ اميدوار اهو سوال ڪرڻ تي مجبور آهن ته جيڪڏهن سالن جي محنت باوجود به شفافيت نظر نه اچي، ته پوءِ نوجوان آخر ڪنهن تي ڀروسو ڪن؟ جيڪڏهن ميرٽ دفن ٿيندو رهيو ته نوجوان رياستي ادارن کان بيزار ٿي ويندا، ۽ جڏهن هڪ نسل پنهنجي ادارن تي اعتماد وڃائي ويهي ته معاشري ۾ مايوسي، نفرت ۽ انتشار جنم وٺندو آهي۔
افسوسناڪ حقيقت اها آهي ته سنڌ حڪومت هن سنگين صورتحال تي سنجيدگي ڏيکارڻ بدران خاموش تماشائي بڻيل محسوس ٿئي ٿي۔ نوجوان روڊن تي احتجاج ڪري رهيا آهن، سوشل ميڊيا تي انصاف جون دانهون ڪري رهيا آهن، پر اقتدار جي ايوانن ۾ خاموشي ڇانيل آهي۔ سوال اهو آهي ته ڇا سنڌ جي نوجوانن جو مستقبل ايترو سستو ٿي ويو آهي جو سندن رڙيون به حڪمرانن جي ڪنن تائين نٿيون پهچن؟
پاڪستان جو آئين هر شهري کي برابري ۽ ميرٽ جو حق ڏئي ٿو۔ سرڪاري نوڪرين ۾ شفافيت ۽ برابر موقعا صرف اخلاقي تقاضا نه، پر آئيني ذميواري به آهن۔ جيڪڏهن واقعي ميرٽ پامال ٿي رهيو آهي ته اهو صرف انتظامي نااهلي نه، پر آئين ۽ نوجوانن جي اعتماد ٻنهي سان سنگين ناانصافي آهي۔
اڄ سنڌ جو نوجوان هڪ تلخ سوال پڇي رهيو آهي:
اسان پڙهون يا سفارش ڳوليون؟
هي سوال صرف هڪ جملو نه، پر سڄي نظام تي فردِ جرم آهي۔ ڇاڪاڻته جڏهن محنت ڪندڙ نوجوان مايوس ٿي وڃي ٿو ته معاشري ۾ قابليت دم ٽوڙي ڇڏي ٿي ۽ سفارش ڪلچر مضبوط ٿي وڃي ٿو۔
حڪومتِ سنڌ کي فوري طور هن بحران جي سنگيني سمجهڻي پوندي۔ وقت اچي ويو آهي ته:
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي مڪمل ڪارڪردگي جي عدالتي نگراني هيٺ جاچ ڪرائي وڃي۔
1متنازع آفيسرن ۽ موجوده انتظاميا جي ڪردار جو غيرجانبدار جائزو ورتو وڃي۔
2هڪ خودمختيار، شفاف ۽ جديد تقاضائن سان هم آهنگ ڪميشن جوڙيو وڃي۔
3امتحاني نظام کي جديد ٽيڪنالاجي سان ڳنڍيو وڃي ته جيئن انساني مداخلت گهٽ کان گهٽ رهي۔
4هر امتحان، انٽرويو ۽ نتيجي جو شفاف آڊٽ لازمي قرار ڏنو وڃي۔
هيءَ ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته نوجوان صرف نوڪريون نٿا گهرن، هو انصاف گهرن ٿا۔ جيڪڏهن مسلسل ميرٽ جو قتل ٿيندو رهيو ته سنڌ جي هڪ پوري نسل کي ذهني، معاشي ۽ سماجي تباهي ڏانهن ڌڪيو ويندو۔ هڪ تباهه حال نوجوان صرف پنهنجي زندگي نٿو هاري، پر قومن جو مستقبل به اونداهي ۾ ڌڪي ڇڏي ٿو۔ مان هن تحرير ۾ ڊپٽي سيڪريٽري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن محمد مصطفى جي طرفان GOR ٿاڻي حيدرآباد ۾ نامور صحافي امتياز چانڊيو خلاف داخل ڪيل ڪيس جي به سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو۔
اڄ سنڌ جو نوجوان جاڳي چڪو آهي۔ هو سوال به ڪندو، احتجاج به ڪندو ۽ پنهنجي حق لاءِ آواز به بلند ڪندو۔ ڇاڪاڻ ته هاڻي هي صرف روزگار جو مسئلو ناهي رهيو، پر سنڌ جي مستقبل، ميرٽ ۽ انصاف جي بقا جي جنگ بڻجي چڪو آهي۔ شاگردن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسان سان انصاف نه ٿيو ۽ چيئرمين پبلڪ سروس ڪميشن محمد وسيم کي نه هٽايو ويو ته اسان احتجاج ڪنداسين، جيڪو 13 مئي تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس ٻاهران ڪيو ويندو، جيڪا يقيناً سٺي نشاني ناهي۔ شايد انهيءَ ڪري اڄ عوام طنزيه انداز ۾ چون ٿا:
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هاڻي امتحاني ادارو گهٽ ۽ نوجوانن جي خوابن جو قبرستان وڌيڪ لڳڻ لڳو آهي! شايد سنڌ ۾ ميرٽ به ويزا وٺي اچي ٿو، انهيءَ ڪري اندر داخل نٿو ٿي سگهي!
سنڌ جا نوجوان ڪتاب کڻي ويٺا آهن، ۽ سسٽم سفارشين جا فائل!
چيئرمين صاحب شايد امتحان نٿا وٺن، صرف اميدن جو پوسٽ مارٽم ڪن ٿا! ۽ هي طنز دراصل ان نسل جو ڪرب آهي، جيڪو صرف هڪ سوال جو جواب چاهي ٿو: آخر ڪيستائين حڪمرانن کي ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن ميرٽ مري وڃي ٿي ته صرف هڪ اميدوار نٿو هاري، پر هڪ قوم جو مستقبل دفن ٿي وڃي ٿو۔