اسلام آباد(عرفان هاشمي)28هين ترميم جي منظوري لاءِ بلاول ۽ صدر زرداري جي آڊيوز جو چئوٻول،اين ايف سي ۽ ارڙهين ترميم ۾ تبديليون ٿيڻ واريون،نوان صوبا به ٺهندا؟خبر موجب صدر آصف علي زرداري عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جي ڏنل ٽاسڪ کانپوءِ طاقتور حلقن جي ويجهو آيو پر 2024ع جي چونڊ نتيجن کانپوءِ هن وفاقي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري آئيني عهدا ورتا ان سبب ن ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ ويجهڙائي وڌي وئي،صدر زرداري وري اسٽيبلشمينٽ کان پري ٿيندو ويو،ان دوران وچ ۾ بلاول جا بيان به ايندا رهيا ته پ پ هن حڪومت جي لائف لائن آهي اهي جملا ”ڪٿي نه ڪٿي“نوٽ ٿيندا رهيا،اسٽيبلشمينٽ کي سندس اهي جملا نه وڻيا ڪجه خبرون اهي به آيون ته هن کي هڪ ”مخصوص عمارت“ ۾ آندو ويو جتي کيس پيغام پهچايو ويو ان کانپوءِ بلاول ڀٽو جي ڳالهين ۾ نرمي نظر اچي رهي آهي،پاڪ ڀارت جنگ دوران کانپوءِ سڄو ڌيان شهبازشريف پاڻ ڏانهن ڇڪرائي ورتو،اها به صدر زرداري لاءِ مشڪل گهڙي هئي،ايران آمريڪا جنگ دوران به سڄي جو سڄو ڪريڊٽ فيلڊ مارشل ۽ وزيراعظم کي ملي ويو،پاڪستان پيپلزپارٽي وڌيڪ پوئتي ڌڪجي وئي،هڪ جماعت ۽ قيادت طور کين اهو مقام نه ملي سگهيو جنهن جي اها خواهش ڪندا رهيا،ان سڄي عرصي دوران پ پ کي استعمال ڪيو ويو،ڊيل جي نتيجي ۾ اها اسٽيبلشمينٽ جي فرمائشن جي لسٽ هيٺيان دٻجندي وئي،اڄ به اسٽيبلشمينٽ پ پ کي اهو چئي رهي آهي ته جيئن 26۽ 27هين ترميم جي حمايت ڪئي تيئن 28هين ترميم جي به حمايت ڪريو،پ پ اهو سمجهي ٿي ته سڀ ڪجهه انهن(اسٽيبلشمينٽ) حوالي ڪري ڇڏيو ته پوءِ اسان کي ٽشو پيپر وانگر استعمال ڪري ڦٽو ڪري ڇڏيندا،توهان ڏسي چڪا آهيو ته وزيراعظم چين وڃي ٿو ته اتان جو صدر ۽ وزيراعظم ملاقات ڪن ٿا،صدر زرداري چين وڃي ٿو ته اتي کيس فيڪٽري مالڪن سان ملاقاتون ڪري واپس موڪليو وڃي ٿو،جي ڊي وينس پاڪستان اچي ٿو پر پ پ جي ڪنهن به ماڻهو کي نائب آمريڪي صدر سان ملاقات جي اجازت نٿي ملي،عمران خان جي ڪيس ۾ گواهي ڏيندڙ عمر فاروق ته جي ڊي وينس سان ملاقات ڪري ٿو پر ڪمانڊر ان چيف جي ملاقات نٿي ڪرائي وڃي هن وقت اطلاع اهو آهي ته بلاول ڀٽو ۽ صدر زرداري جون ڪجهه آڊيوز طاقتور ڌرين وٽ پيل آهن جن جي بنياد تي پ پ کي سوديبازي واري پوزيشن تي ويهڻ لاءِ چيو ويندو،انهن آڊيوز جي بنياد تي صدر زرداري کي 28هين ترميم لاءِ راضي ڪيو پيو وڃي،اهو به ٻڌايو پيو وڃي مفاهمت جا سمورا رستا بند ٿي چڪا آهن پ پ کي ٻڌايو ويو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ وسيلن جي ورڇ جي حوالي سان نئون طريقيڪار بڻايو ويندو،صحت ۽ تعليم جا شعبا وفاق حوالي ڪيا ويندا،ڪراچي،گوادر ۽ فاٽا جا علائقا به وفاق جي ڪنٽرول ۾ ڏنا ويندا،ذريعن موجب پ پ ڪراچي وفاق حوالي ڪرڻ ۽ اين ايف سي ۾ تبديلي لاءِ ڪنهن به صورت ۾ تيار ناهي،البته تعليم ۽ صحت جا شعبا ڪجهه شرطن تي وفاق حوالي ڪرڻ لاءِ راضي ٿي وئي آهي،بدلي ۾ صدر زرداري چيو آهي ته منهنجي پٽ لاءِ به سوچيو،هن کي به وزيراعظم بڻايو،جڏهن ته پ پ کي هاڻي صورتحال جي نزاڪت جو احساس ٿي رهيو آهي،ٻئي پاسي جيڪڏهن پ پ مزاحمت ڪئي ته پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز کي نااهل ڪري ٻيهر ضمني چونڊن ۾ آزاد اميدوار طور کٽرائي حڪومتي جماعت ۾ شامل ڪيو ويندو پوءِ پارليامينٽ ۾ اڪثريت ملندي ئي وڌيڪ ترميمون ڪيون وينديون،سيپٽمبر ۾ قومي حڪومت جوڙڻ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن،اسٽيبلشمينٽ کي اهو خطرو آهي ته پي ٽي آءِ ڪا تحريڪ هلائي ته پ پ 28هين ترميم ۽ ان سڄي سياسي منظرنامي کي هاءِ جيڪ ڪري سگهي ٿي،تازو ڪي پي ۾ اهم سياسي ملاقاتون ٿيون آهن،اسد قيصر ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان ملاقات ڪئي آهي پ پ چاهي ٿي ته 28هين ترميم خلاف مزاحمت لاءِ پي ٽي آءِ سان اتحاد ڪيو وڃي ٻئي پاسي شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اسد قيصر کي نئون وزيراعظم بڻايو پيو وڃي
28 هين ترميم ۾ صوبن جو انگ 12ڪرڻ جي تجويز؟سنڌ سخت مزاحمت ڪندي
اسلام آباد(طيب بلوچ+جهانزيب عباسي+وقاص احمد) قومي اسيمبلي جو اهم اجلاس جلد ٿيڻ وارو آهي، امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي ته نئين بجيٽ کان اڳ آئيني ترميم پيش ٿي سگهي ٿي۔تجويز ڪيل 28هين ترميم جو هڪ وڏو حصو نون صوبن جي قيام سان لاڳاپيل آهي۔ تجويز موجب ملڪ ۾ صوبن جو تعداد چار کان وڌائي ٻارهن ڪرڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي، جنهن ۾ پنجاب مان ٽي نوان صوبا، سنڌ مان ٻه، خيبر پختونخوا مان “هزاره صوبو” ۽ بلوچستان مان هڪ نئون صوبو ٺاهڻ جي تجويز شامل آهي۔ان کان علاوه هڪ ٻيو خيال به سامهون آيو ته وفاقي علائقن، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اڳوڻي فاٽا کي گڏ ڪري وفاق کي به هڪ الڳ صوبائي حيثيت ڏني وڃي، ته جيئن انتظامي نظام وڌيڪ بهتر ٿي سگهي۔بحث دوران چيو ويو ته آئيني آرٽيڪل 239 جي تحت ڪنهن به صوبي جي حد بندي بدلائڻ لاءِ ٻن ڀاڱي اڪثريت ۽ لاڳاپيل صوبائي منظوري ضروري آهي، جنهن سبب هي عمل سياسي طور ڏکيو ٿي سگهي ٿو۔تجزيه نگارن موجب نون صوبن لاءِ ڪيترن ئي آئيني آرٽيڪلن ۾ ترميم ضروري هوندي، جن ۾ آرٽيڪل 1، 51، 59، 106 ۽ 175 شامل آهن، ان سان گڏ هاءِ ڪورٽن ۽ عدالتي نظام ۾ به تبديليون ڪرڻيون پونديون۔ پاڪستان پيپلز پارٽي ماضي ۾ صوبن جي حوالي سان ڪيتريون ئي ٺهراءَ منظور ڪرائي چڪي آهي، خاص طور تي سنڌ ۾ ورهاست جي حوالي سان ان جي سخت مخالفت موجود رهي آهي، جڏهن ته ٻين سياسي جماعتن جهڙوڪ پي ٽي آءِ به نون صوبن جي حمايت ڪئي آهي۔جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ اڳ ئي ڏکڻ پنجاب، بهاولپور ۽ ٻين نون صوبن بابت بل ۽ قراردادون موجود آهن، پر انهن تي عملي اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي۔ جيڪڏهن حڪومتي اتحاد وٽ ٻه ڀاڱي اڪثريت موجود رهي ته هي ترميم منظور ٿي سگهي ٿي، پر سياسي اختلاف ۽ صوبائي مزاحمت وڏو رڪاوٽ بڻجي سگهن ٿا۔ تجزيه نگارن چيو ته ملڪ ۾ سياسي ۽ آئيني تبديلين لاءِ وسيع مشاورت ۽ اتفاق راءِ ضروري آهي، ٻي صورت ۾ اهڙيون ترميمون تڪرار جو سبب بڻجي سگهن ٿيون، جڏهن ته عام ماڻهو اڳ ئي مهانگائي جي شديد دٻاءُ هيٺ آهي۔
28 هين ترميم جي منظوري لاءِ سنڌ ۾ ڪرپشن،خراب حڪمراني جا جواز پيش ٿيڻ لڳا؟
اسلام آباد(عاطف خان)اسلام آباد ۾صدر آصف علي زرداري جي استعيفيٰ بابت خبرون گردش ۾ آهن ۽ چيو پيو وڃي ته 28 هين ترميم لاءِ مبينا طور تي راضپو ظاهر ڪيو ويو آهي. اهو چيو پيو وڃي ته جيڪڏهن 28هين ترميم منظور ٿي وڃي ٿي ته سنڌ اندر جيڪو “سسٽم” گذريل ارڙهن سالن کان هلندو پيو اچي، اهو ختم ٿي سگهي ٿو. انهيءَ سبب پيپلز پارٽي مبينا طور تي هن ترميم جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي.خبرن موجب اهو به چيو پيو وڃي ته هڪ اهم شخصيت کي صدر پاڪستان بڻائڻ جو رستو به تيار ٿي سگهي ٿو ۽ ان لاءِ آئيني عدالت مان ڪو وڏو فيصلو به اچي سگهي ٿو. گڏوگڏ پيپلز پارٽي 2010 ۾ ارڙهين ترميم منظور ڪرائي هئي، جنهن تحت وفاق جا ڪيترائي اختيار صوبن ڏانهن منتقل ڪيا ويا هئا. هاڻي اهو به موقف پيش ڪيو پيو وڃي ته ان عمل سان حقيقي فائدو هيٺئين سطح تائين نه پهتو، خاص طور تي سنڌ جي ترقي بابت سوال اٿاريا پيا وڃن.ڪجهه حلقن جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن 28 هين ترميم آندي وڃي ٿي ته ان ۾ وفاق ۽ صوبن جي اختيارن جو نئون فارمولو ٺهي سگهي ٿو. ان ۾ تعليم ۽ آبادي جهڙا کاتا به وفاق ڏانهن منتقل ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن. ساڳئي وقت چيو پيو وڃي ته پيپلز پارٽي ان ترميم جي مخالفت ڪري رهي آهي ۽ شرط رکي رهي آهي ته جيڪڏهن بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بڻايو وڃي ته پوءِ هو ڪجهه معاملن تي راضي ٿي سگهن ٿا.ٻئي پاسي اهو به تجزيو پيش ڪيو پيو وڃي ته آصف علي زرداري ۽ پيپلز پارٽي کي رڪاوٽ سمجهيو پيو وڃي، خاص طور تي وفاقي اختيارن جي نئين ورهاست جي حوالي سان. ان تناظر ۾ سنڌ جي موجوده صورتحال، ڪراچي جي ترقياتي ڪم ۽ حڪمراني بابت به سخت سوال اٿاريا پيا وڃن.ڪجهه سياسي حلقن جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي کي ايندڙ چونڊن ۾ خطرو محسوس ٿيو ته هو وڌيڪ سياسي دٻاءُ هيٺ اچي سگهي ٿي. سنڌ ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جهڙيون سياسي قوتون به سرگرم ٿي رهيون آهن ۽ اسلام آباد ۾ ملاقاتون ڪري رهيون آهن، جنهن کي سياسي تبديلي جي اشارن سان جوڙيو پيو وڃي.ڪراچي جي ترقياتي منصوبن ۽ حڪومتي ڪارڪردگي بابت به تنقيد ڪئي پئي وڃي، خاص طور تي ميگا منصوبن جي رفتار ۽ معيار تي سوال اٿاريا پيا وڃن. ڪجهه منصوبن ۾ فوجي ادارن جي مداخلت ۽ نگراني جو ذڪر به ڪيو پيو وڃي. ڪجهه حلقا اهو به چون ٿا ته پي ٽي آءِ کي به نئين آئيني ترميم جي حمايت يا مخالفت ۾ شامل ڪرڻ جون ڪوششون ٿي سگهن ٿيون، جنهن سان سياسي توازن تبديل ٿي سگهي ٿو.مجموعي طور تي اسلام آباد جي سياسي ماحول ۾ ڪيترائي مفروضا، افواهون ۽ تجزيا گردش ڪري رهيا آهن، پر حتمي ۽ سرڪاري طور تي ڪا به واضح تصديق سامهون نه آئي آهي.
باوردي صدر لاءِ آئين جي آرٽيڪل 243 ۾ ترميم ٿيندي؟
اسلام آباد (سعيد بلوچ) اسٽيبلشمينٽ طرفان هڪ نئون منصوبو سامهون آيو آهي، جنهن تحت ملڪ جي سياسي ۽ آئيني نظام ۾ وڏيون تبديليون ڪرڻ جي تياري ٿي رهي آهي۔ تجزيي موجب آرٽيڪل 243 ۾ ترميم ڪري “باوردی صدر” جي نئين منصب لاءِ رستو هموار ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي۔ذريعن موجب موجوده صدر آصف علي زرداري کي عهدي تان هٽائڻ يا سندس اختيار محدود ڪرڻ بابت به منصوبا ردش ۾ آهن، جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ جي مبينا خواهش آهي ته مستقبل ۾ فوجي قيادت مان ڪو اعليٰ عهديدار صدر بڻايو وڃي، 28هين آئيني ترميم ذريعي ملڪ ۾ انتظامي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن تحت صوبن جو نظام گهٽ ڪري “ون يونٽ” جهڙي انتظامي نظام ڏانهن وڃڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي۔ ملڪ ۾ 38 ڊويزنن کي بنياد بڻائي گورنر مقرر ڪرڻ جو منصوبو به ٻڌايو ويو آهي۔ اسٽيبلشمينٽ جي نظر ۾ 18هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ جهڙا مالي اختيار صوبن کي ڏيڻ وارو نظام وفاق لاءِ مالي مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي، تنهن ڪري انهن اختيارن کي ٻيهر وفاق ڏانهن واپس ڪرڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي۔جڏهن ته آئين جي ڪيترن آرٽيڪلن ۾ ترميم ضروري هوندي، جن ۾ آرٽيڪل 1، 51، 59، 106 ۽ 175 شامل آهن، جنهن سان گڏ هاءِ ڪورٽن ۽ عدالتي ڍانچي ۾ به تبديليون اچي سگهن ٿيون۔تجزيي موجب جيڪڏهن 28هين ترميم منظور ٿي وڃي ته پوءِ نون صوبن جو قيام، نئون بجيٽ نظام ۽ اين ايف سي فارمولا مڪمل طور تبديل ٿي سگهي ٿو، جنهن سان وفاق جي مالي طاقت وڌڻ جو امڪان آهي۔ٻئي پاسي تحريڪ انصاف جو اهم اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ عمران خان جي هدايتن کان هٽي ڪجهه فيصلا ڪرڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي، جنهن کي سياسي مبصر “مائنس عمران خان” واري حڪمت عملي سان جوڙي ڏسي رهيا آهن۔تجزيي موجب پي ٽي آءِ جي ڪجهه قيادت پارلياماني ڪميٽين ۾ ٻيهر شامل ٿيڻ چاهي ٿي، جڏهن ته عمران خان اڳ ۾ انهن کان استعيفائن جو حڪم ڏنو هو۔پروگرام ۾ اهو به چيو ويو ته عمران خان کي سياسي طور ڪمزور ڪرڻ ۽ کيس اڪيلي ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي،