وزيراعظم جي محمود اچڪزئي کي ڳالهين جي دعوت

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر اپوزيشن کي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي۔خانگي چينل ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف اپوزيشن اڳواڻ محمود اچڪزئي کي ملاقات جو پيغام موڪلي ڇڏيو آهي۔ وزيراعظم، اپوزيشن اڳواڻ کي وزيراعظم آفيس يا وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات جي دعوت ڏني آهي۔ ذريعن موجب محمود اچڪزئي وزيراعظم آفيس يا هائوس ۾ ملاقات ڪرڻ کان معذرت ڪندي غيرجانبدار هنڌ تي ملاقات جي تجويز ڏني آهي۔ محمود اچڪزئي وفاقي وزير رانا ثناءُ الله جي رهائشگاهه تي ملاقات لاءِ رضامندي ظاهر ڪئي آهي۔ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ پيغام رساني گذريل هفتي  ٿي هئي، جڏهن ته امڪاني ملاقات ۾ سياسي صورتحال سميت چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.