اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيٽروليم ڊويزن جي عملدارن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ جو سبب 117 رپيا في ليٽر ليوي لاڳو ڪرڻ آهي. ميڊيا رپورٽن موجب، پيٽروليم بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن دوران پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ ۽ پيٽروليم ڊويزن جي عملدارن ميمبرن کي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڪميٽي جي ميمبر سيف الله ابڙو پڇيو ته ٻڌايو وڃي ته 28 فيبروري تائين پيٽروليم شين جو ڪيترو ذخيرو هو؟ توهان 28 فيبروري کان فوري طور تي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 55، 55 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي. پيٽروليم ڊويزن جي عملدارن چيو ته پهرين مارچ کان پوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ ڊيزل 285 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويو جڏهن ته پيٽرول 150 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويو. پاڪستان وٽ 30 ڏينهن جو پيٽرول ۽ 27 ڏينهن جو ڊيزل ذخيرو آهي.پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ چيو ته پيٽروليم ذخيري کي يقيني بڻائڻ لاءِ مهانگيون پيٽروليم شيون به خريد ڪرڻ گهرجن، اسان کي تيل جا ذخيرا به برقرار رکڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان وٽ پيٽروليم شين جا اسٽريٽجڪ ذخيرا نه آهن، پيٽروليم ذخيرا ڪمپنين وٽ آهن. پيٽروليم واري وزير سيف الله ابڙو کي جواب ڏيندي چيو ته اسان توهان کي هر ڪمپني جو ڊيٽا فراهم ڪنداسين، ايف آءِ اي به هن معاملي کي ڏسي رهي آهي.ڪميٽي ميمبر عامر چشتي چيو ته سڀني آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو آڊٽ ڪيو وڃي، ان تي علي پرويز ملڪ چيو ته سڀني 42 آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو آڊٽ ڪيو وڃي.سيف الله ابڙو چيو ته اسان کي ٻڌايو وڃي ته قيمتون ڪيئن وڌنديون آهن، ۽ لکت ۾ ٻڌايو وڃي ته پيٽروليم جي قيمتن تي ڪيترو ٽيڪس آهي. ان تي پيٽروليم ڊويزن جي عملدارن چيو ته پيٽرول وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جو سبب 117 رپيا في ليٽر جي ليوي لاڳو ڪرڻ آهي. واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ جو ذميوار آءِ ايم ايف کي قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام تحت ليوي وڌائڻي پئي. رپورٽن مطابق پيٽروليم واري سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پيٽروليم واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن، ٽيڪس جي جوڙجڪ ۽ بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي حالتن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. پيٽروليم واري سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته آءِ ايم ايف جي هدفن کي پورو ڪرڻ لاءِ پيٽروليم ليوي کي وڌيڪ وڌائڻ جو دٻاءُ آهي، جنهن تحت ڊيزل ۽ پيٽرول تي ليوي کي 160 رپيا في ليٽر تائين وڌائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. علي پرويز ملڪ ڪميٽي کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو مکيه سبب انهن تي لاڳو ڪيل ڳري ليوي آهي. جڏهن مالي سال جو بجيٽ تيار ڪيو ويو ته آءِ ايم ايف سان 80 رپيا في ليٽر ليوي گڏ ڪرڻ جو معاهدو ٿيو. بجيٽ کان پوءِ معاشي صورتحال بدلجي وئي، جنهن جي ڪري آءِ ايم ايف پروگرام کي برقرار رکڻ لاءِ ليوي وڌائڻي پئي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪميٽي ميمبرن ليوي ۾ ممڪن واڌ ۽ قيمتن جي بار تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو، جنهن بابت بريفنگ ۾ واضح ڪيو ويو ته پيٽروليم شين جي قيمتن جو تعين هاڻي نه رڳو عالمي مارڪيٽ تي ٻڌل آهي پر آءِ ايم ايف سان متفق ٿيل آمدني جي هدفن تي به منحصر آهي. حڪومت معاشي استحڪام لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام کي لاڳو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، تنهن هوندي به، گهٽ ۾ گهٽ بار عوام تي منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.