هڪ وڌيڪ ترميم جي تياري آهي،پاڪستان بچايو وڃي:محموداچڪزئي

اسلام آباد(بيورو+عوامي آواز نيوز)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي حڪومت کي سخت الٽيميٽم ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن هڪ هفتي اندر عمران خان جو صحيح علاج نه  ڪرايو ويو ۽ ملاقاتن جي اجازت نه ڏني وئي ته پارليامينٽ کي هلڻ نه ڏنو ويندو.هن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته 8 فيبروري تي نوجوان طبقي حڪومت جا سڀ منصوبا الٽ ڪري ڇڏيا. عوام عمران خان جي پارٽي کي ووٽ ڏنا، پر ان کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو.محمود خان اچڪزئي چيو ته دنيا ۾ ڪڏهن پارليامينٽ خريد ڪري به آندي ويندي آهي؟ پر هي پارليامينٽ خريد و فروخت ذريعي وجود ۾ آئي آهي. هن چيو ته مخالف ڌر هن ايوان کي ناجائز سمجهندي به هلائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر حڪومت جو رويو ايوان کي بند ڪرڻ ڏانهن وڃي رهيو آهي.هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن عمران خان جي ملاقاتن تي پابندي ختم نه ڪئي وئي ته پارليامينٽ نه هلندي. هن چيو ته جيڪڏهن باني چيئرمين بيمار آهي ته کيس اسپتال منتقل ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ هڪ هفتي اندر علاج ۽ ملاقات جي اجازت ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ ايوان بند ٿي ويندو.هن حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته ماڻهن کي جيلن ۾ رکڻ جو شوق ڇو آهي؟ هن چيو ته پارليامينٽ ۽ عدالت جا پر ڪٽي ڇڏيا ويا آهن، ۽ هاڻي انهن ادارن کي پاليسين جو مرڪز بڻائڻ گهرجي.هن چيو ته بلوچستان کان خيبر پختونخواهه تائين بغاوت جي فضا آهي، ٻنهي صوبن ۾ ڊرونز جو استعمال ٿي رهيو آهي. هن اپيل ڪئي ته سڀ سياسي قيادت گڏ ويهي گهٽ ۾ گهٽ نقطن تي اتفاق ڪري.هن وڌيڪ چيو ته هڪ ٻي آئيني ترميم تياري هيٺ آهي، ۽ ملڪ هڪ “ٻڏندڙ ٻيڙي” آهي جنهن کي بچائڻ ضروري آهي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ملڪ کي نقصان ٿيو ته ذميواري وڏين سياسي قيادت تي پوندي، جن ۾ نواز شريف، آصف علي زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو زرداري شامل آهن.آخر ۾ هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت ماحول بهتر نه ڪيو ته پوءِ “دمادم مست قلندر” ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.