ڪراچي (رپورٽر) هڪ طرف سنڌ ۾ پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿي ويو آهي، ته ٻي طرف پنجاب طرفان زيادتي ڪندي تڪراري لنڪ ڪينال کوليا ويا آهن۔ ذريعن موجب سي جي لنڪ ڪينال ۾ 5 هزار ڪيوسڪ ۽ ٽي پي لنڪ ڪينال ۾ 7 هزار 467 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي، جڏهن ته انهن ڪينالن کي کولڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي اجازت حاصل نه ڪئي وئي آهي۔اطلاعن موجب ٻئي تڪراري لنڪ ڪينال بغير اجازت جي هلائي رهيا آهن، جنهن سبب سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌيڪ سنگين صورتحال اختيار ڪري وئي آهي۔ سنڌ جي عوام ۾ ان عمل خلاف شديد غم ۽ غصي جي لهر پکڙيل آهي ۽ ماڻهو ان کي سنڌ سان ناانصافي قرار ڏئي رهيا آهن۔هوڏانهن ارسا ۾ موجود سنڌ جي نمائندن تي به سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي، ڇو ته هن وقت تائين هن معاملي تي ڪو به مؤثر قدم نه کنيو ويو آهي، جنهن سبب سنڌ واسين ۾ بيچيني وڌي رهي آهي۔