دشمن جو ساٿ ڏيندڙ 262 ڄڻن خلاف ايراني عدليا جي وڏي ڪارروائي

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني عدليه جي ترجمان اصغر جهانگير چيو آهي ته جنگ جي شروعات کان وٺي هينئر تائين 262 ملڪيتون ضبط ڪيون ويون آهن.
واضح رهي ته اهي ملڪيتون اهڙن ماڻهن جون آهن جن مٿان الزام آهي ته هُنن جنگ دوران ”دشمن سان سهڪار ڪيو، جن ۾ صحافي، سياستدان، فنڪار ۽ اداڪار شامل آهن.
اصغر جهانگير موجب، انهن ڪيسن کي عدالت ۾ حتمي شڪل ڏيڻ کانپوءِ ايراني قوم جي فائدي لاءِ ضبط ڪيو ويندو.
اثاثا ضبط ڪرڻ جي قانوني عمل جا تفصيل اڃا تائين سامهون نه آيا آهن.
ياد رهي ته اسرائيل، آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ تازي جنگ دوران، ايران جي حمايت ڪندڙ ڪارڪنن سائبر اسپيس تي اسلامي جمهوريه جي مخالفن جي نشاندهي جي اپيل ڪئي هئي ۽ انهن کي ”جنگ جو حامي“ قرار ڏنو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.