”ڪم جونگ اُن قتل ٿيو ته پاڻمرادو ايٽمي بٽڻ دٻجي ويو“

پيانگ يانگ(ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا پنهنجي جوهري قانونن ۾ هڪ انتهائي خطرناڪ ۽ غير معمولي تبديلي ڪئي آهي، جنهن سبب سڄي دنيا ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي آهي.
برطانوي اخبار ”دي سن“جي رپورٽ موجب، اتر ڪوريا جي آئين ۾ اها تبديلي ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن ملڪ جي حڪمران ڪم جونگ اُن کي قتل ڪيو ويو يا هو حملي سبب حڪمرانيءَ جوڳو نه رهيو ته ملڪ پاڻمرادو(آٽوميٽڪ) طريقي سان فوري طور ايٽمي حملو ڪري ڇڏيندو.
رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اها آئيني ترميم 22 مارچ تي منظور ڪئي وئي هئي، پر ان کي هاڻي پهريون ڀيرو عوام آڏو آندو ويو آهي.
رپورٽ موجب، نئون شق اتر ڪوريا جي جوهري پاليسي قانون جي آرٽيڪل 3 ۾ شامل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن دشمن قوتن جي حملي سبب رياستي جوهري ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم خطري ۾ پوي ٿو ته پاڻمرادو ۽ فوري جوهري حملو ڪيو ويندو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ان نئين پاليسي جو سبب تازي علائقائي ڇڪتاڻ ۽ ايران ۾ آمريڪي توڙي اسرائيلي حملن ۾ سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي شهادت کانپوءِ پيدا ٿيل حالتن کي قرار ڏنو پيو وڃي.
اتر ڪوريا کي خدشو آهي ته مستقبل ۾ سندن اعليٰ قيادت کي به اهڙي ئي قسم جا خطرا پيش اچي سگهن ٿا.
ان جي باوجود جو اتر ڪوريا ۾ ڳجهي ڄاڻ گڏ ڪرڻ ۽ اعليٰ قيادت تائين پهچ حاصل ڪرڻ انتهائي ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ جون سرحدون دنيا لاءِ لڳ ڀڳ بند آهن ۽ اتي داخل ٿيندڙ پرڏيهين جي سخت نگراني ڪئي ويندي آهي. ان ڪري ڪنهن ٻاهرين ڪارروائي ذريعي ڪم جونگ اُن يا سندس ويجهن ساٿين کي نشانو بڻائڻ سولو نه هوندو.
ٻئي پاسي، اتر ڪوريا ڏکڻ ڪوريا جي سرحد ويجهو هڪ نئين طرز جو 155 ملي ميٽر آٽوميٽڪ توپ خانو پڻ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جي مار 60 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي.
اتر ڪوريا جي سرڪاري ميڊيا موجب، ڪم جونگ اُن هن نئين هٿيار جي تياري جو جائزو ورتو ۽ چيو ته هي اتر ڪوريا جي زميني جنگي صلاحيتن ۾ اهم تبديلي آڻيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.