ڍاڪا ٽيسٽ: عباس جا پنج شڪار، بنگلاديش پهرين اننگز ۾ 413 رنسن تي ڍير، پاڪستان هڪ وڪيٽ تي 179 رنسون ٺاهي ورتيون

ڍاڪا(ويب ڊيسڪ) ڍاڪا ٽيسٽ ۾ بنگلاديش خلاف پاڪستان پهرين اننگز ۾ 413 رنسن جي جواب ۾ ٻئي ڏينهن جي پڄاڻي تائين هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 179 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.
ڍاڪا ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن بنگلاديش جي پوري ٽيم ماني جي وقفي کانپوءِ 413 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، جنهن جي جواب ۾ ڊيبيو ڪندڙ اوپنر اذان اويس، امام الحق سان گڏجي پهرين وڪيٽ لاءِ 106 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي، امام الحق 45 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
ان کانپوءِ پهريون ٽيسٽ کيڏندڙ عبدالله فضل ڪريز تي آيو ۽ هن ٻي وڪيٽ لاءِ اذان اويس سان گڏجي وڌيڪ 73 رنسن جو واڌارو ڪيو.
ٻئي ڏينهن جي پڄاڻي تائين پاڪستان هڪ وڪيٽ وڃائي 179 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، اذان اويس 85 ۽ عبدالله فضل 37 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن، بنگلاديش کي پاڪستان تي اڃا به 234 رنسن جي سرسي حاصل آهي.
ان کان اڳ شيرِ بنگلا اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرئين اننگز ۾ بنگلاديش جي ٽيم 413 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي.
ميزبان ٽيم طرفان ڪپتان نجم الحسن شانتو 101 ۽ مومن الحق 91 رنسن سان نمايان رهيا.
پاڪستان جي محمد عباس 5 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته شاهين آفريدي 3 ۽ حسن علي توڙي نعمان علي هڪ هڪ شڪار ڪيو. ياد رهي ته پاڪستان ٽاس کٽي پهرين بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.