لاهور (ويب ڊيسڪ) اُڀرندڙ اداڪارا دنانير مبين چيو آهي ته هوءَ پنهنجي ڪيريئر تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪندي.
هڪ انٽرويو دوران خيالن جو اظهار ڪندي اداڪارا چيو ته ”مان محبت لاءِ ڪڏهن به پنهنجي مقصدن ۽ ڪيريئر تي سوديبازي نه ڪنديس.“ هن چيو ته هوءَ ڪنهن شخص کي حاصل ڪرڻ لاءِ چري نه ٿيندي، هن وقت هوءَ پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي، پنهنجي زندگي بهتر گذاري رهي آهي ۽ سندس سمورو ڌيان پنهنجي ڪم تي کتل آهي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته سندس زندگي ۾ ڪيئي ضروري ڪم ٿي رهيا آهن، محبت به هڪ ضروري شيءِ آهي پر هوءَ ڪڏهن به محبت لاءِ زور نه ڏيندي.
مداحن طرفان ڪنهن اداڪار سان نالو جوڙڻ تي ڪهڙو ردعمل هوندو آهي؟ واري سوال جي جواب ۾ دنانير چيو ته ”اها سٺي ڳالهه آهي ته ماڻهو ايڏيءَ گهرائيءَ سان ڊراما ڏسن ٿا، پر ان سان منهنجو ڪٽنب متاثر ٿيندوآهي، منهنجا والدين پريشان ٿي ويندا آهن ۽ چوندا آهن ته هي ڪهڙيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن ڏکيائي ٿيندي آهي.“