ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: اويس حيدر شورو) ٽنڊو محمد خان جي مال پڙي ڀرسان هڪ عورت پنهنجي ٻن معصوم ٻارن سميت مبينا طور گوني واھ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي، واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ ڏک جي لهر پکڙجي وئي، جڏهن ته سوين شهري واقعي واري هنڌ گڏ ٿي ويا، شھر جي سفت جي رضاڪارن گوني ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ ھڪ عورت ۽ ٻن معصوم ٻارڙن جي لاشن جي ڳولا ڪري وڏين ڪوششن کان پوءِ لاش ڪڍيا ويا جن لوڊر ۽ رڪشائن وسيلي سول اسپتال پھچايا ويا، جڏهن ته گوني واھ تي موجود شاهدن موجب عورت پنهنجي ٻن ٻارن سان گڏ ڦليلي ڪئنال ڪناري پهتي ۽ اوچتو واھ ۾ ٽپو ڏنو، اطلاع ملڻ جي باوجود به ضلعي انتظاميه نه پھتي افسوس سان چئون ٿا، ضلعي انتظاميه بروقت پھچي ها، ٽوٻن جو انتظام ڪيو وڃي ھا ته ايترو وڏو نقصان نه ٿئي ھا جڏھن ته ھن ڏک واري واقعي تي علائقي لاسين ۾ سخت ڪاوڙ جي لھر ڇانيل آھي انھن چيو وڏو افسوس جو واقعو آھي ھن مهانگائي بيروزگاري جي ڪري اسانجي معاشري ۾ پورھيت جن لاءِ ٻچن جو پيٽ گذر ڪرڻ تمام مشڪل ٿي ويو آھي ان ڪري اھڙا واقعا ٿين ٿا جڏهن ته واقعي جا اصل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا آهن ٻي طرف گوني ڪئنال ۾ ٻڏي ويل عورت ۽ ٻن معصوم ٻارڙن جي والد اسپتال پھچي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان لاکاٽ جي ڳوٺ ارباب سمون جي رھواسي آھيون منھنجي گھر واري 25 سالن جي رتني ٺاڪر، 6 سالن جي معصوم نياڻي عائشه ٺاڪر ۽ 5 سالن جي وشال ٺاڪر سان گڏ اهڙو قدم کنيو، ٻارڙن سميت خودڪشي ڪندڙ مسمات رتني ٺاڪر اصل رھائش ٽنڊو الهيار ٻڌائين پيا فوتي عورت جي مڙس چيو ته منھنجي گھر واري دماغي مريض ھئي آئون ٻنين تي وڃي پورھيو ڪندا آھيون آئون ٻارڙن کي گھر ڇڏي مزدوري لاءِ ويس ۽ ٻني تي ڪمند جي فصل کي پاڻي ڏئي ٻنپھرن جي وقت گھر پھتس ته منھنجي گھر واري موجود نه ھئي جيئن اسانکي سوشل ميڊيا وسيلي خبر پئي ته فوري اسپتال پھتاسين ھن چيو ته منھنجو گھر تباھ ٿي ويو وارثن ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ ڏک جي لهر پکڙجي وئي، سوين ماڻهو واقعي واري هنڌ گڏ ٿي ويا.
روهڙي ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيل گلان جو والد گرفتار
روهڙي (عوامي آواز نيوز) روهڙي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ عدالتي حڪم کان پوءِ والد حوالي ڪرڻ کان پوءِ قتل ڪيل گلان ڀارو کي پٽڪن جا واسطا ڏئي ڪورٽ مان گهر وٺي ايندڙ پيءُ کي سکر پوليس گرفتار ڪري ورتو، ميڊيا سان ڳالهائيندي امداد ڀارو چيو ته آئون ڳوٺ کان شهر دوا لاءِ ويس پويان ظالمن نياڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، گلان منهنجي ڌيءَ ڪاري نه هئي، هو ته ٻن سالن کان منهنجي گهر رهندي هئي، نياڻي کي بچائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي ظالم نياڻي کي ماري ڇڏيو، انهن کي به ماري انصاف ڪيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته جوابدار سڪيلڌي، مولاداد ۽ ٻيا ڪيترا به آهن انهن نياڻي کي قتل ڪيو، مان شهر ويل هيس، صحافي جي سوال تي مقتول ناري جي والد وڌيڪ چيو ته مون سان دوکو ڪيو ويو آهي، مان بيمار آهيان، مون نياڻي کي قتل ناهي ڪرايو، مون سان دوکو ڪيو ويو آهي، منهنجي نياڻي بيگناهه هئي، ان جو ڪو ڏوهه نه هو، منهنجي نياڻي مٿان ڪوڙو الزام هنيو ويو، مون جيڪو ڪجهه ڪيو اهو مون ڪيو آهي نياڻي سان، هوءَ مون سان گڏ هئي، هن منهنجي پڳ جو مان رکيو، ٻن سالن کان نياڻي مون وٽ هئي، جوابدار يڪو مون وٽ نياڻي کي ڇڏي ويو هو.
ڪارنهن الزام هيٺ عورتن جو قتل بند نه ٿيو، ڪنڌڪوٽ ۾ نياڻي قتل
ڪنڌڪوٽ (ن ع آ)ڪنڌڪوٽ ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم هيٺ عورتن جو قتل عام بند نه ٿي سگهيو، گهوڙاگهٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ عمر سندراڻي ۾ مڙس ۽ ڏيرن هٿان عورت ڪارنهن الزام هيٺ مبينا طور قتل ٿي وئي، جوابدار فريد سندراڻي پنهنجي گهرواري ڪونجل سندراڻي کي ڪارنهن الزام هيٺ مبينا طور گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي، جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته قتل ٿيل عورت جو لاش به هٿ نه اچي سگهيو، پوليس جوابدارن ۽ لاش جي ڳولا ۾ لڳي وئي، پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جي قتل جو اطلاع مليو، جنهن تي پوليس نفري واقعي واري هنڌ پهتي جوابدار فرار ٿي ويا آهن، سندن ڳولا ڪئي پئي وڃي کين جلد گرفتار ڪيو ويندو ۽ گڏوگڏ لاش جي ڳولا به ڪري رهيا آهيون.
روزانو ڪارو ڪاري رسم نالي ۾ نياڻين کي قتل ڪيو پيو وڃي: وسند ٿري
حيدرآباد (پ ر) اديب، دانشور، ناليواري قانوندان عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي صاحب جي 8هين ورسي 7 جون 2026ع تي عوامي تحريڪ طرفان سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ منگر خان پليجو لڳ جنگشاهي ٺٽي ۾ وڏي پئماني تي ملهائي ويندي. ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ طرفان سرگرمين جو سلسلو جاري آهي. ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ مختلف سياسي، سماجي ڌرين، اديبن، دانشورن، وڪيلن، صحافين کي دعوتون ڏنيون پيو وڃن، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري جي قيادت ۾ پارٽي وفد سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، عبدالقادر رانٽو، نذير راڄپر قاسم آباد، حيدرآباد ۾ عوامي جمهوري پارٽي جي آفيس پهچي عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي صدر پروفيسر سراج سيال، جنرل سيڪريٽري سيد لال شاهه، آفيس سيڪريٽري ڪليم ملڪ ۽ شير چانڊيو کي دعوت ڏني، ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته سنڌ ۾ وڏيرن، سردارن، ميرن، پيرن، گادي نشينن جي سرپرستي ۾ لاقانونيت جو راڄ قائم ڪيو ويو آهي. روزاني ڪارو ڪاري ۽ ٻين انسان دشمن ريتن رسمن جي نالي ۾ نياڻين کي قتل ڪيو پيو وڃي پر قانون جي حڪمراني جون دعوائون ڪندڙ پيپلز پارٽي جي حڪمرانن جي ڪن تي جون به نٿي سري، هن چيو ته حڪمرانن ايران آمريڪا جي جنگ جو بهانو بڻائي عوام مٿان مهانگائي جو ايٽم بم ڪيرايو آهي. پورهيتن، مزدورن ۽ مسڪين ماڻهن کان جيئڻ جو حق کسيو ويو آهي. ان موقعي تي عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي صدر پروفيسر سراج سيال چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي هميشه لاءِ جهالت ۽ رکڻ لاءِ کانئن تعليم کسي وئي آهي، هن وقت به 11 لکن کان وڌيڪ معصوم ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. سنڌ پنهنجي وسيلن سان مالا مال آهي پر ان جي باوجود سنڌ جا ٻار تعليم کان محروم آهن، بي روزگاري ۽ بدحالي کي عروج تي پهچايو ويو آهي، حڪمرانن هٿرادو مهانگائي جو طوفان آڻي ماڻهن کي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، جهالت، بي روزگاري، بدحالي، مهانگائي وسيلن تي ڌاڙن خلاف منظم سگهاري جدوجهد جي ضرورت آهي.
ميرپورخاص ۾ ڳوٺاڻي جوا ۾ نياڻي پوڙهي کي ڏئي ڇڏي، ڪنوار گهوٽ ڏسي بيهوش
ميرپورخاص(رپورٽ: غفار رند) ميرپورخاص جي علائقي سائينداد ڪالوني ۾ مبينا طور جوئا ۾ شرط هارائڻ بعد نياڻي جو رشتو ڏيڻ واري معاملي تي شادي جي تقريب دوران ڊرامائي صورتحال پيدا ٿي وئي، پيءُ پاران جوئا ۾ هارائڻ کان پوءِ ڪنوار گهوٽ ڏسڻ کان پوءِ بيهوش ٿي وئي، تفصيل موجب پٺاڻي ڌي آمنه لاگھاڻي جي پيءُ پاران مبينا طور جوئا شرط ۾ هارائڻ بعد نياڻي جو رشتو ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد عمرڪوٽ کان بارات پهتي، پر جڏهن ڪنوار ڄڃ وٺي آيل وڏي عمر جي گھوٽ کي ڏٺو ته کيس بيهوش ٿي وئي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعي جي اطلاع بعد يوسي چار جي چيئرمين وٽ به فيصلو رکيو ويو، جڏهن ته سيد جاني شاهه عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته ڄڃ عمرڪوٽ کان آئي آهي ۽ کيس پڻ شڪايت ملي آهي ته نينگري کي وڏي عمر جي شخص سان شادي ڪرائڻ واري معاملي ۾ سندس ڪو واسطو ناهي، اهي پاڙيسري برادري جا ماڻهو آهن، هن چيو ته ڪنوار جي بيهوش ٿيڻ بعد گھوٽ سميت براتي به سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن، جڏهن ته علائقي ۾ واقعي سبب ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي.
ڪو ڪنهن کي ووٽ نه ڏي ته ان کي به چون ٿا ڪارو آهين:سهراب سرڪي
ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ايم پي اي سهراب سرڪي ڪاروڪاري الزامن هيٺ نياڻين جي قتل تي ڳالهائيندي چيو آهي ته پنج هزار رپين عيوض نياڻين کي ڪاروڪاري قرار ڏئي قتل ڪيو پيو وڃي، هي انسانيت ناهي، معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائڻ سنڌي ثقافت جو حصو ناهي، پر هي هڪ اهڙو ڏوهاري گروهه آهي جيڪو عام ڏوهارين کان به وڌيڪ سماج جي پاڙن کي کوکلو ڪري رهيو آهي، هن انڪشاف ڪيو ته لڳ ڀڳ 95 سيڪڙو واقعا صرف مالي تڪرارن، قبضي جي نيت ۽ پراڻي دشمني تي ٻڌل هوندا آهن، سهراب خان سرڪي ان ڳالهه تي ڳڻتي ظاهر ڪئي ته ڪجهه ماڻهو پنهنجي سياسي ۽ ذاتي مقصدن لاءِ هن منفي عمل کي هٿي ڏين ٿا، جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي، خانگي ميڊيا سان ڳالهائيندي سهراب سرڪي چيو ته ڪاروڪاري جا ڪيس ڪوڙا آهن، ڪو ڪنهن کي ووٽ نه ڏي ته ان کي به چون ٿا ڪارو آهين، ڪاروڪاري سنڌ جي ڪا رسم ناهي، ڪارو ڪاريءَ جي نالي تي ٿيندڙ 95 سيڪڙو ڪيس سراسر ڪوڙا ذاتي دشمنين، ڏيتي ليتيءَ جي تڪرارن، زمينن تي قبضي ۽ سياسي معاملن لاءِ معصوم ماڻهن تي ڪاروڪاري جو ڪوڙو الزام مڙهيو وڃي ٿو، ڪجهه معتبر وري انهن ڪوڙن ڪيسن جا فيصلا ڪن ٿا هي هڪ منظم خطرناڪ مافيا آهي جيڪا ڌاڙيلن کان وڌيڪ خطرناڪ آهي.