دالبدين ۾ تيز رفتار ٽرالر گاڏي مٿان چڙهي ويو، 11 ڄڻا فوت

دالبدين (م ڊ) دالبدين ۾ خوفناڪ ٽريفڪ حادثو پيش آيو، جتي تيز رفتار ٽرالر هڪ گاڏي  مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي ۾ سوار 11 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا،  حادثو ڊهڊرلانڊي جي ويجهو RCD شاهراهه (N-40) تي پيش آيو، جتي تيز رفتار ٽريلر هڪ گاڏي کي  ٽڪر هڻي مڪمل طور تي چيڀاٽي ڇڏيو، گاڏي ۾ ڪل 15 ماڻهو سوار هئا، جن مان 11 موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 4 ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا، حادثو ايترو شديد هو جو گاڏي مڪمل طور تباهه ٿي وئي، جنهن سبب مقامي ماڻهو ۽ ريسڪيو اهلڪار لاشن ۽ زخمين کي ڪڍڻ ۾ سخت ڏکيائين کي منهن ڏيندا رهيا، ريسڪيو ذريعن موجب لاشن ۽ زخمين کي فوري طور تي ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال دالبدين منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، پوليس ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو ۽ حادثي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي، ٽرالر ڪوئٽا کان تفتان ۽ ڪار تفتان کان ڪوئٽا وڃي رهي هئي، واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ٽريفڪ به متاثر ٿي، جڏهن ته انتظاميه امدادي ڪارروايون مڪمل ڪري ورتيون، ياد رهي ته ان کان اڳ به جھل مگسي ويجهو ايم-8 روڊ تي هڪ مسافر ڪوچ حادثي جو شڪار ٿي چڪي هئي، جنهن ۾ به ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي ويا هئا ۽ زخمي ٿيا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.