ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت عورتن لاءِ وڌيڪ 1000 اي وي اسڪوٽيز خريد ڪرڻ، صوبي ۾ ماس ٽرانزٽ واري نظام کي وڌيڪ وسيع بڻائڻ لاءِ انٽر سٽي پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي. خيرپور کان روھڙي ۽ خيرپور کان راڻيپور نوان روٽس ايندڙ ھفتي شروع ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو آھي. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته تمام جلد لارڪاڻي، دادو، سيوھڻ، حيدرآباد، سانگھڙ سميت ٻين ضلين ۾ انٽر سٽي بس سروس شروع ڪرڻ وڃي رھيا آھيون، ڪراچي لاءِ نيون اي وي ۽ ڊبل ڊيڪر بسون آنديون پيون وڃن. ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري کاتي جو ھڪ اھم اجلاس سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ سندس آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي سليم اللھ اوڍو سميت ٻين اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران پيپلز بس سروس جا نوان روٽ شروٿ ڪرڻ، پنڪ اي وي اسڪوٽيز ورھائڻ، اي وي ٽيڪسي روس ۽ ماس ٽرانزٽ جي جاري ۽ تجويز ڪيل رٿائن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي.