آءِ ايم ايف جو دٻاءُ،گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ عوام کي ڏنل سبسڊي ختم

اسلام آباد(مهتاب حيدر+عوامي آواز نيوز) آءِ ايم ايف پاران پاڪستان کي 1.2 ارب ڊالر جي قسط ڏيڻ بابت هڪ نئون شرط رکيو ويو آهي شرط اهو آهي ته بجلي واري شعبي ۾  جيڪي 200 يونٽن تائين وارن صارفن کي سبسڊي ڏني ويندي آهي، اها هاڻي ختم ڪئي وڃي ۽ مڪمل ٽيرف سڀني کان وصول ڪيو وڃي. رڳو انهن ماڻهن کي هدف بڻائي سبسڊي ڏني وڃي جيڪي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت غربت جي لڪير کان هيٺ آهن.هاڻي ان سبسڊي جي غلط استعمال بابت به ڳالهه ٿيندي ته ڪيئن ماڻهو فائدو کڻي رهيا آهن ۽ حڪومت لاءِ اهو فيصلو ڪيترو ڏکيو آهي.حڪومت بين الاقوامي مالياتي فنڊ کي يقين ڏياريو آهي ته 200 يونٽن تائين بجلي جي سبسڊي آهستي آهستي ختم ڪئي ويندي ۽ جنوري 2027 تائين مڪمل طور تي نئون نظام لاڳو ڪيو ويندو. ان نظام ۾ رڳو بينظير آمدني سپورٽ پروگرام جي ڊيٽا موجب مستحق ماڻهن کي سبسڊي ملندي.هن وقت ڪيترائي ماڻهو هڪ کان وڌيڪ ميٽر لڳائي سبسڊي جو غلط فائدو وٺي رهيا آهن، جنهن سبب رياست کي وڏو نقصان ٿي رهيو آهي. نئين نظام ذريعي اهڙن طريقن کي روڪيو ويندو. هاڻي ڳالهه آهي ته ڇا اهو فيصلو عام ماڻهن لاءِ ڏکيو ٿيندو؟ ڪيترن جو چوڻ آهي ته هي غريب ۽ وچولي طبقي تي بار وڌائيندو، ڇو ته بجلي جا بل اڳ ئي تمام وڏا آهن.ٻئي طرف حڪومت جو موقف آهي ته سبسڊي صرف مستحق ماڻهن تائين محدود ٿيڻ گهرجي.پاڪستان پاران آءِ ايم ايف کي لکت ۾ خاطري ڪرائيندي بجلي سبسڊي جي موجوده نظام ۾ وڏي تبديلي جو اشارو ڏنو ويو آهي۔ ايندڙ 8 مهينن اندر نئون نظام متعارف ڪرايو ويندو، جنهن تحت 200 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙن لاءِ عام سبسڊي ختم ڪري جنوري 2027ع کان هدفِي (ٽارگيٽيڊ) سبسڊي لاڳو ڪئي ويندي۔ حڪومت ان مقصد لاءِ نيشنل سوشو اڪنامڪ رجسٽري سان بجلي صارفن کي ڳنڍڻ وارو نظام تيار ڪري رهي آهي، جنهن ۾ عالمي بئنڪ جو سهڪار پڻ شامل هوندو۔ جڏهن ته سبسڊي جي ادائيگي لاءِ هڪ ٻاهرين فرم ذريعي مؤثر طريقو تيار ڪيو ويندو۔هوڏانهن پنجاب حڪومت  ۾ متعارف ڪرايل اي ڍل نظام کي ايندڙ مالي سال کان سنڌ،ڪي پي ۽ بلوچستان تائين وڌائڻ جي تياري ڪري رهي آهي۔ آبپاشي جي پاڻي جي اگهن کي آپريشن ۽ سار سنڀال جي خرچن مطابق ترتيب ڏيڻ لاءِ به سڌارن تي ڪم جاري آهي۔اعليٰ سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان، آءِ ايم ايف جي “ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسلٽي” تحت 20 ڪروڙ ڊالرن جي ٻي قسط حاصل ڪرڻ جي ويجهو آهي، جنهن جي منظوري لاءِ آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ 8 مئي 2026ع تي واشنگٽن ۾ اجلاس ڪندو۔

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)وفاقي حڪومت طرفان بجلي جي صارفن کي ڏني ويندڙ سبسڊي جي نظام ۾ تبديلي جو اعلان ڪيو ويو آهي.وفاقي وزارت توانائي موجب اهڙا بجلي  صارف، جن کي حڪومت طرفان ماهوار بلن ۾ سبسڊي ڏني وڃي ٿي، انهن کي واضح طور تي ٻڌايو ويندو ته هر مهيني کين ڪيتري رقم سبسڊي جي صورت ۾ ملي رهي آهي.وفاقي وزارت توانائي جو هي اعلان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستان بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کي يقين ڏياريو آهي ته ملڪ ۾ 200 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙ “محفوظ صارفين” کي ڏني ويندڙ سبسڊي ختم ڪئي ويندي ۽ ان جي جاءِ تي هدف تي ٻڌل (ٽارگيٽيڊ) سبسڊي ڏني ويندي. هي ٽارگيٽيڊ سبسڊي بينظير آمدني سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) تحت ڏني ويندي ۽ ان جو نفاذ جنوري 2027 کان ڪيو ويندو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.