سانگهڙ (عوامي آواز نيوز) سنڌ ۾ روزانو ڪارنهن الزام هيٺ معصوم نياڻين جي قتل جو سلسلو نه رڪجي سگهيو، جهول ڀرسان جوابدار پنهنجي 15 ورهين جي نياڻي کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري لاش گهر اندر دفنائي فرار ٿي ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ڳوٺ رياض آرائين ۾ جوابدار سڪندر لغاري پنهنجي 15 ورهين جي معصوم ڌيءَ فريده کي ڪارنهن جو الزام مڙهي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار نياڻي کي قتل ڪرڻ بعد لاش ڳجهه ڳوهه ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس پاران ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري رکيو ويو، نينگري جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جي چاچي سڪندر اهڙو ظلم ڪيو آهي، هن پهريان چيو ته ڇوڪري کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو آهي، وري هن چيو ته ڇوڪري کپائي آهي، هن بيان تبديل ڪيا، اسان پوليس سان رابطو ڪيو، پوليس جاچ کان پوءِ هتي پهچي لاش ڪڍرايو آهي، ڇوڪري جي سئوٽ چيو ته چاچي اسان جي نينگري کي قتل ڪيو آهي، هو فرار ٿي ويو آهي، اسان کي فون ڪري ٻڌايائين ته مون قتل ڪيو آهي.