اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) صحت بابت سينيٽ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته گذريل ٻن سالن دوران مختلف دوائن جي اگهن ۾ 100 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو ويو آهي، اجلاس دوران ڪاميٽي ميمبرن ملڪ ۾ دوائن جي وڌندڙ قيمتن تي سخت تنقيد ڪئي۔بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 2024ع ۾ نگران حڪومت جي دور دوران دوائن جي قيمتن کي ڊي ريگوليٽ ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ڪمپنيون پنهنجون قيمتون پاڻ مقرر ڪري رهيون آهن، ۽ ٻن سالن ۾ مختلف دوائن جا اگهه 100 سيڪڙو تائين وڌايا ويا آهن۔اختيارين موجب قانون تحت ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي رڳو حياتي بچائيندڙ دوائن جي قيمتن کي ضابطي ۾ آڻي سگهي ٿي، جڏهن ته وفاقي صحت واري وزير مصطفىٰ ڪمال چيو ته دوائن جي اگهن ۾ واڌ يا گهٽتائي ۾ صحت واري وزارت جو ڪو به ڪردار ناهي۔ڪميٽي ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي جي سربراهه کي دوائن جي قيمتن جي تعين لاءِ فارمولو تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته شماريات واري اداري جي عملدارن کي به ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪيو ويو آهي۔ڪميٽي چيو ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان ۾ دواسازي جو ڪاروبار سڀ کان وڌيڪ منافعي وارو بڻجي چڪو آهي، ۽ اهو ڪنهن به صورت ۾ قبولڻ جوڳو ناهي ته دواساز ڪمپنين کي مڪمل آزادي ڏني وڃي۔ ڪاميٽي موجب هن قانون تي ٻيهر نظرثاني جي ضرورت آهي۔ڊاڪٽر عبيد الله بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 659 دوا ساز ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن، جڏهن ته 394 ادارا ٻاهرين ملڪن مان دوائون ۽ ويڪسين درآمد ڪن ٿا۔ هن چيو ته پاڪستاني دوائون 51 ملڪن ڏانهن برآمد ٿي رهيون آهن، جڏهن ته گذريل سال پاڪستان جي دواسازي صنعت جي وڪري جو مقدار هڪ کرب 32 ارب رپين تائين رهيو۔