ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي جڙتو شادي سرٽيفڪيٽ ذريعي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ هڪ عورت کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ايف آءِ اي ترجمان موجب، عورت ڪراچي کان عمان وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، اميگريشن ڪليئرنس دوران سندس دستاويز شڪي لڳا.
ترجمان جو چوڻ هو ته جاچ دوران عورت جي بيان ۽ دستاويزن ۾ وڏا تضاد سامهون آيا، جنهن کانپوءِ انڪشاف ٿيو ته سندس ميرج سرٽيفڪيٽ مڪمل طور جڙتو ۽ رڳو ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو هو.
ايف آءِ اي ترجمان موجب، واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ ان نيٽ ورڪ ۾ ملوث ٻين جوابدارن ۽ ايجنٽن کي وائکو ڪرڻ لاءِ جاچ جو دائرو وڌايو ويو آهي.