يونيورسٽي روڊ 2 مهينن ۾ مڪمل ۽ بي آر ٽي منصوبو آڪٽوبر 2027 تائين فعال ڪيو وڃي:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته يونيورسٽي روڊ کي ٻن مهينن اندر مڪمل طور تي فعال بڻايو وڃي، عدالت ڪانٽريڪٽر جي مشينري سيل ڪرڻ واري ڪارروائي کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو ۽ بي آر ٽي ريڊ لائن لاٽ ٽو بابت ڪيس جو فيصلو جاري ڪيو، فيصلي ۾ عدالت چيو آهي ته اميد آهي ته بي آر ٽي منصوبي کي آڪٽوبر 2027 تائين فعال ڪيو ويندو، جڏهن ته اهو به واضح ڪيو ويو ته منصوبي جي تعمير يونيورسٽي روڊ تي ٽريفڪ جي رواني کي متاثر نه ڪري،عدالت پنهنجي حڪم ۾ لکيو ته ڪراچي جا شهري يونيورسٽي روڊ جي خراب حالت سبب سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، تنهن ڪري سنڌ حڪومت کي ٻن مهينن اندر روڊ کي مڪمل طور تي فعال بڻائڻ گهرجي، سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته روڊ تي عوامي ۽   خانگي ٽرانسپورٽ جي رواني ۾ ڪا به رڪاوٽ نه هئڻ گهرجي ۽ ضرورت پئي ته حڪومت اضافي فنڊز مختص ڪري سگهي ٿي، فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته جيڪڏهن ڪنٽريڪٽر معاهدي جي شقن تحت مشينري رکڻ چاهي ٿو ته رکي سگهي ٿو، پر ڪنهن به تڪرار جي صورت ۾ ڊسپيوٽ ريزولوشن بورڊ ڏانهن وڃي سگهي ٿو، عدالت ٺيڪيدار جي درخواست کي اڪلائيندي فيصلي جون ڪاپيون چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ سيڪريٽري بلديات کي به موڪلڻ جي هدايت ڪئي، ان کان اڳ بي آر ٽي ريڊ لائين لاٽ 2 جي ٺيڪيدار جي آفيس سيل ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ڌرين جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيا هئا، عدالت فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو جاري ڪيو ويو، درخواستگذار جي وڪيل چيو هو ته ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت جا جواب ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته پهريان مون کي سيل ڪرڻ جي حڪم کي چئلينج ڪرڻ گهرجي ها، جسٽس سليم جيسر سوال ڪيو ته پهرين توهان مون کي اهو ٻڌايو ته مختيار آفيس کي سيل ڪري ڪهڙي غلطي ڪئي آهي، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته مختيار ڪار، ڊي سي کي نه ته ڪو اختيار هو ۽ نه ئي ڪو نوٽيس جاري ڪيو ويو، ٽرانس ڪراچي ۽ ٻيا درخواست ڏيندڙ جي مشينري ۽ ٻيو سامان کسڻ چاهين ٿا، عدالت ۾ ٺيڪيدار چيو ته توهان کي حقيقت ٻڌائڻ چاهيان ٿو اسان کي هر هڪ ڊرائنگ چار چار مهينن کان پوءِ ملندي هئي، ڪنسلٽنٽس کي ڊيزائن تبديل ڪرڻ جا فائدا ملندا هئا، کين پئسا ملندا هئا، آئون اهڙيون شيون پيش ڪري سگهان ٿو جو توهان حيران ٿي ويندا، ٺيڪيدار ٻڌايو ته چيني سفارتخاني پنهنجن سيڙپڪارن کي هتي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، چيني حيران آهن ته هتي ڪهڙي قسم جو ڪم ٿي رهيو آهي، نيب مون کي گهرايو هو، مون انهن کي سڀ ڪجهه ٻڌايو هو، هن مسئلي تي هڪ ڪميشن قائم ڪيو وڃي، ٺيڪيدار چيو ته هن عمل سان ست سئو خاندانن جي روزي متاثر ٿي رهي آهي، چيني ڪمپني بين الاقوامي ثالثي ڏانهن وڃي رهي آهي.

حڪومتي کاتا وري وري نقشو تبديل ڪرائي فائدي جي آڇ ڪندا رهيا:ٺيڪيدار

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي روڊ بي آر ٽي جي اڳوڻي ٺيڪيدار امين جان عدالت ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جا کاتا وري وري نقشو تبديل ڪرائي اضافي لاڳت ۽ فائدي جي آڇ ڪندا رهيا، مون عدالت کان مطالبو ڪيو آهي ته هن مسئلي تي ڪميشن جوڙيو وڃي ۽ معاملو نيب ڏانهن موڪليو وڃي ته جيئن عوام کي اصل حقيقت معلوم ٿئي، ٺيڪيدار امين جان چيو ته هي هن وقت ته رڳو روڊ ئي  ٺاهي رهيا آهن، اصل بي آر ٽي تي ڪم ٿي ئي نه رهيو آهي، جيڪڏهن صورتحال اهڙي رهي ته ريڊ لائين منصوبو ايندڙ 30 سالن ۾ مڪمل نه ٿيندو، جڏهن آرمي چيف ۽ ٻاهران دٻاءُ آيو ته اسان خوش ٿياسين ته اسان جو مسئلو حل ٿي ويندو ۽ اسان جو ڪم جلد ٿي ويندو، حڪومت دٻاءُ ۾ اچي سمورو پريشر منهنجي مٿان وجهي ڇڏيو، ٺيڪو ختم ڪري ڇڏيو، انهن سمورين ڊيزائنن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، انهن وٽ اڃا تائين ڪا ڊيزائن ناهي، ٺيڪيدار چيو ته اهي پئسن لاءِ ڊيزائن تبديل ڪندا هئا ۽ اسان کان پئسا گهرندا هئا، جڏهن فائل کلندو ته سموريون حقيقي ذميوار ڌريون ظاهر ٿي وينديون، ٺيڪيدار هر شيءُ جو ذميوار ناھي هوندو، ٺهراءُ بورڊ جو سربراهه تمام ايماندار هو، هن اسان جي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي، جيڪڏهن اهي فيصلا غلط هجن ها ته حڪومت انهن کي چئلينج ڪري ها، چيني ڪمپني ان ڪري پريشان آهي ڇو ته انهن کي هتي انصاف نه ملي رهيو آهي، غلطيون ٻيا ڪن ٿا، اهي الزام اسان تي لڳائين ٿا، اسان صدر پاڪستان ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي خط لکيا آهن، وڏي وزير اسان جي شڪايت تي معلومات گهري هئي پر 21 اپريل تي هن اسان جو ٺيڪو منسوخ ڪري ڇڏيو، ٺيڪيدار چيو ته يونيورسٽي روڊ جي پاسي وارا روڊ، جيڪي اهي ٽن مهينن ۾ ٺاهي رهيا آهن، اهي اسان به ٽن مهينن ۾ ڪري سگهون ٿا، اسان جا ماڻهو اڃا تائين اتي ڪم ڪري رهيا آهن، چيني ٺيڪيدار جيڪو بين الاقوامي ثالثي ڏانهن وڃڻ چاهي ٿو، مان ان کي روڪي رهيو آهيان، جڏهن نواز شريف وزيراعظم هو، مون هزارا موٽر وي منصوبو 32 مهينن بدران 26 مهينن ۾ مڪمل ڪيو، چيني ڪمپني ملتان، پنڊي، لاهور ۾ پنهنجو ڪم وقت تي مڪمل ڪيو، ساڳي ڪمپني پنجن سالن ۾ 15 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو، جڏهن ته مون اوترو ئي ڪم 40 سيڪڙو مڪمل ڪيو، اهو ڇو ٿيو، جيڪڏهن توهان اهو نٿا ڪري سگهو ته اسان بين الاقوامي ثالث ڏانهن وينداسين، وري به نقصان عوام جو ٿيندو، جيڪڏهن هي طريقيڪار جاري رهيو ته منصوبي جي قيمت وڌي 80 ارب تائين هلي ويندي، اهي ماڻهن کي خاموش ڪرڻ لاءِ پاسي وارا روڊ ٺاهي رهيا آهن، آئون چوان ٿو ته هڪڙو ڪميشن قائم ڪيو وڃي ته جيئن اصل سچائي معلوم ٿي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.