ٽڪ لڳل 300 بيلٽ پيپر هٿ اچڻ جا الزام، وڪيلن ۾ ڇڪتاڻ، ڪراچي بار چونڊون ملتوي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ بار ڪائونسل پاران ڪراچي بار جون چونڊون ملتوي ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي بار جي چونڊن لاءِ نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو، ڪراچي بار جي ٿيندڙ چونڊن ۾ عامر نواز وڙائچ جي وڪيلن پاران ضلعي اولھه مان پهرين کان ٽڪ لڳل 300 بيلٽ پيپر هٿ اچڻ جا الزام لڳايا ويا، جنهن تي پولنگ اسٽيشن تي پولنگ جو عمل بند ڪرايو ويو، ڪراچي بار جي چونڊن ۾ صدر، نائب صدر، جنرل سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري، خزانچي، لائبريرين جي سيٽن تي مقابلو ٿيڻو هو، مئنيجمينٽ ڪميٽي جي يارنهن سيٽن تي ميمبرن جي چونڊ به ٿيڻي هئي، صدارتي اميدوار طور عامر نواز وڙائچ، جي ايم ڪورائي، وقار عالم عباسي، اسد الله شاھ راشدي وچ ۾ مقابلو هو، نائب صدر جي سيٽ تي عامر شهزاد، عرفان علي، محمد هارون، محمد عرفان، نذير شر، سعيد احمد، شهربانو ۽ بئريسٽر عذير غوري وچ ۾ مقابلو هو، جنرل سيڪريٽري جي سيٽ تي رياض ڪورائي، لياقت گبول، حسينه تبسم، فدا حسين، وسيم اعواڻ، سلمي بي بي ۽ نظام  الدين چنا اميدوار هئا، خزانچي تي عبد الباسط، مختيار سوڊهڙ، ڪاشف بلوچ، ۽ سلمي وچ ۾ مقابلو ٿيندو هو، عامر نواز وڙائچ جي وڪيلن طرفان پهريان کان ٺپا لڳل بيلٽ پيپر هٿ ڪرڻ جو الزام هنيو ويو، جنهن جون وڊيوز وائرل ٿي ويون، وڪيلن پهچي مخالف وڪيلن کان ٺپا لڳل بيلٽ پيپرن جو ٻاچڪو هٿ ڪري ورتو، جنهن تي وڪيلن طرفان فارم 47 نه کپي جا نعرا هنيا ويا ۽ جهمريون هنيون ويون، وڪيلن ۾ سڄو ڏينهن ڇڪتاڻ جاري رهي، عامر نواز وڙائچ چيو ته اليڪشن نه پر سليڪشن ٿيڻي هئي، جنهن کي بهادر وڪيلن ناڪام بڻائي ڇڏيو، هي ڪراچي بار کي ڪنٽرول ڪرڻ چاهين ٿا، سازشون ڪامياب نه ٿينديون، سرفراز ميتلو چيو ته جي ايم ڪورائي جي فتح اڄ به واضح هئي، ڄاڻي واڻي چونڊ عمل روڪرايو ويو، جي ايم ڪورائي موجب اسان اڄ کٽي رهيا هئاسين، هارائيندڙ سازشون ڪري چونڊن کان فرار ٿي ويا، سنڌ بار ۽ چيف جسٽس کي درخواست آهي ته اهي چونڊن جي نگراني ڪن، عامر نواز وڙائچ گروپ جي وڪيلن موجب بار جي چونڊن ۾ اڄ ڌانڌلي جي وڏي ڪوشش ناڪام بڻائي آهي، ڪراچي بار جون چونڊون نه ڪرائڻ سگهڻ تي سنڌ بار جا ميمبرز استعيفائون ڏين، هي اليڪشن نه پر سليڪشن هئي، ڪجهه به ڪيو، عامر نواز ئي کٽيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.