اولهه بنگال جي چونڊن ۾ بي جي پي جي ڪاميابي اصل ۾ ڀارتي سماج ۾ هندو شاونزم جي غلبي جي هڪ علامت آهي. هن اليڪشن سان لاڳاپيل هر ڳالهه ثانوي حيثيت رکي ٿي ته ڇا ٿيو ۽ ڪيئن ٿيو. اصل ۽ بنيادي نڪتو اهو آهي ته هي چونڊون مسلمان دشمني جي بنياد تي وڙهيون ويون ۽ هندو شاونزم جي رياستي طاقت استعمال ڪري کٽيون ويون. تنهنڪري هاڻي بنيادي سوال اهو آهي ته هن اليڪشن جا سماجي اثر ڇا ٿيندا ۽ ڀارت ۾ مسلمانن تي ڇا گذرڻ وارو آهي؟ ڇا هڪ نئون ۽ خوفناڪ سماجي ۽ انتظامي بحران ڀارت جي اقليتن کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺڻ وارو آهي؟
ڪشمير کان آسام ۽ آسام کان بنگال تائين مسلمانن سان هڪ مربوط ۽ منظم انتظامي ۽ سماجي واردات جاري آهي، جنهن کي سمجهڻ جي سخت ضرورت آهي. ڪنهن به اليڪشن جي نتيجن کي ڏسڻ جا مختلف زاويه ٿي سگهن ٿا، هن اليڪشن جا به هوندا، پر هن اليڪشن جو سڀ کان نمايان پهلو مسلمانن خلاف نفرت آهي.
ممتا بينرجي ڌانڌلي جي ڳالهه ڪري رهي آهي، پر ممتا بينرجي کي هارائڻ جو هڪ بنيادي ڪارڻ مسلمانن سان سندن نسبتاً بهتر رويو آهي. توهان اهو به چئي سگهو ٿا ته هن اليڪشن ۾ مسلمانن جو لاڙو سندن طرف هو يا اهو ته سندن لاڙو مسلمانن طرف هو. انهيءَ سبب کين هارائڻ هندو توا پاليسي جو بنيادي ستون بڻايو ويو. اهو سلسلو اليڪشن کان اڳ ئي شروع ٿي ويو هو، جڏهن چونڊن کان اڳ ٽيهن لک مسلمان ووٽرن کي فهرستن مان ڪڍي ڇڏيو ويو. اهو ڪم ظاهري طور چونڊ سڌارن جي نالي تي ڪيو ويو، پر ان جو اصل نشانو مسلمان هئا. چونڊي چونڊي اهڙن حلقن مان ووٽ خارج ڪيا ويا، جتان خارج ڪيل ووٽن جي فرق سان بي جي پي جي ڪاميابي يقيني بڻائي سگهجي ٿي. تنهنڪري اسان ڏسي رهيا آهيون ته مسلم اڪثريتي ضلعن جهڙوڪ مرشد آباد، مالده، نارٿ ديناج پور وغيره مان به بي جي پي ڪامياب ٿي چڪي آهي. اها ساڳي واردات آهي، جيڪا والاريل ڪشمير ۾ ڪئي وئي.
مسلمان کين زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي ۾ قبول ناهن. سندن هر هنڌ استحصال ڪيو پيو وڃي. نه سياست ۾ امان آهي، نه معيشت ۾. انهن کي هڪ قوم طور ٽارگيٽ ڪيو ويو آهي. بنگال جي انهن چونڊن ۾ بي جي پي جو بيانيه تمام اهم ۽ خطرناڪ هو. منهنجي راءِ ۾ اهو بيانيه چونڊ نتيجن کان به وڌيڪ اهميت رکي ٿو. بي جي پي جو بيانيه به مسلمان دشمني تي ٻڌل هو.سماج ۾ مسلمانن خلاف بي جي پي هر طرف زهر ڀري ڇڏيو آهي. اهو صرف بنگال تائين محدود ناهي، هر هنڌ ساڳي صورتحال آهي. ممتا بينرجي خلاف هلندڙ مهم جو اصل نشانو مسلمان هئا.
نفرت جي بنياد تي صف بندي ڪرڻ آسان هوندي آهي. بي جي پي به اهو ئي ڪيو ۽ مقامي هندو آباديءَ کي مسلمانن خلاف نفرت سان ڀري ڇڏيو. بنگلاديش جي مسلمانن ۽ بنگلاديش جي بدلجندڙ حالتن کي انهن چونڊن ۾ بنيادي موضوع بڻايو ويو. نفرت کي هٿي ڏني وئي. چيو ويو ته بنگلاديش مان مسلمان هتي اچي رهيا آهن ۽ ممتا بينرجي سندن سرپرستي ڪري رهي آهي، ۽ جيڪڏهن هوءَ کٽي وئي ته هندن لاءِ بقا جا مسئلا پيدا ٿي ويندا. بنگلاديش سان موجوده ڇڪتاڻ کي به انهن چونڊن ۾ نفرت جي عنصر طور استعمال ڪيو ويو. بنگال جو هڪ معاشي پس منظر به آهي. ورهاڱي وقت اوڀر بنگال، يعني اوڀر پاڪستان، پاڪستان جو حصو بڻيو ۽ مغربي بنگال ڀارت جي حصي ۾ آيو. يعني صنعتي علائقو ڀارت وٽ هليو ويو ۽ غير صنعتي علائقو، جيڪو گهڻو ڪري خام مال جي پيداوار تائين محدود هو، پاڪستان بڻيو. هتان هڪ نئون معاشي بندوبست وجود ۾ آيو، جنهن جا پنهنجا مسئلا به هئا.
انهيءَ پس منظر ۾ اهو پهلو استعمال ڪيو ويو ته جيڪڏهن بي جي پي هارائي وئي ته بنگلاديش مان مسلمان هتي اچڻ شروع ڪندا ۽ اهو هندن جي معاشي مفادن لاءِ خطرو بڻجي ويندو. تنهنڪري اسان ڏسي رهيا آهيون ته نتيجا اچڻ سان ئي فساد ۽ بلوائن جو نشانو مسلمان بڻيا آهن. ابتدائي اطلاعن تمام گهڻيون ڳڻتيون پيدا ڪيون آهن ۽ لڳي ٿو ته سماجي سطح تي اسلاموفوبيا جو جن ڀارت ۾ بي قابو ٿي رهيو آهي ۽ هندو توا ان جي انتظامي سرپرستي لاءِ پوري قوت سان موجود آهي. چونڊ نتيجن سان گڏ ئي مسلمانن خلاف بلوائين جي ڪارروائين جو آغاز ٿي ويو آهي. دي هندو ۾ شايع ٿيل رپورٽ موجب بي جي پي ڪارڪنن بنگال جي شهر باراسات ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پوءِ مسجد باري روڊ جو نالو تبديل ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح باراسات ۾ بي جي پي حامين مبينا طور مسجد باري روڊ جو سائن بورڊ ڊاهي ان جي جاءِ تي نيتا جي پلي روڊ جو بورڊ لڳايو. پارٽي جي اقتدار سنڀالڻ جي ڪجهه ڪلاڪن اندر ئي اهو قدم کنيو ويو، جنهن کي مقامي سطح تي ساراهيو ويو ۽ هڪ بي جي پي اڳواڻ ان کي پراڻو مطالبو قرار ڏنو.ممڪن مسئلن جي خدشي سبب مسلم اڳواڻ اسدالدين اويسي چيو آهي ته سيڪيولر جماعتون زعفراني جماعت جي ڦهلاءَ کي روڪي نٿيون سگهن. هن چيو ته عام آدمي پارٽي، مهاراشٽر ۾ يو بي ٽي ۽ اڳوڻي اين سي پي ۽ مغربي بنگال ۾ ٽي ايم سي ماضي ۾ هندو توا لاءِ نرم گوشو رکيو، تنهنڪري هاڻي مسلمانن کي پنهنجي آزاد سياسي قيادت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
هن جملي تي غور ڪريو. اسدالدين اويسي هاڻي مسلمانن جي آزاد قيادت جي ڳالهه ڪرڻ تي مجبور آهن. اهو گويا ان ڳالهه جو اعلان آهي ته مسلمانن جي قيادت 1947ع ۾ جيڪا آزاد رياست ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو هو، اهو بلڪل درست هو. قائداعظم وقت سر هندو شاونزم کي سمجهي ورتو هو ته اهو اڳتي هلي مسلمانن سان ڇا ڪندو. اليڪشن جي نتيجن کان پوءِ فتح جا جلوس مسلمانن جي ملڪيتن کي نشانو بڻائي رهيا آهن. اڃا ته شروعات آهي. بي جي پي نفرت کي پنهنجي طاقت بڻائي ڇڏيو آهي. اها نفرت ڀارت جي اقليتن، خاص طور مسلمانن لاءِ ايندڙ وقت ۾ هڪ وڏو امتحان بڻجي ويندي.
ڀارت جي هندو شاونزم مان مسلمان دشمني ختم ٿيندي نظر نٿي اچي. هندو توا جي فاشسٽ پاليسين ڀارت ۾ اقليتن لاءِ زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي. بي جي پي جي هر نئين چونڊ ڪاميابي اقليتن لاءِ ڪنهن الميي کان گهٽ ناهي۔