سنڌ ۾ ناقص حڪمراني آهي، زرداري کي عوام سان مفاهمت ڪرڻ گهرجي، رياست سان ٽڪراءُ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو: انعام شيخ

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)دانشورانعام شيخ چيو آهي  ته پ پ تي ڏکيا ڏينهن اچڻ واري ڳالهه ۾ ڪجهه نه ڪجهه حقيقت لڳي رهي آهي،مطلب دال ڪاري آهي، زرداري  کي عوام سان مفاهمت ڪرڻ گهرجي، نه ته رياست سان ٽڪراءُ خطرناڪ ٿي سگهي ٿوهڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ هن چيو ته  سنڌ ۾ حڪومت جي ڪارڪردگي تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي. تعليم، صحت ۽ روزگار جا نظام ڪمزور آهن. سنڌ ۾ غربت وڌي رهي آهي، ڪيترائي ضلعا انتهائي پسماندگي ۾ هليا ويا آهن.هن چيو ته صدر زرداري واقعي پاور پاليٽيڪس جو ماهر آهي  پر انهن تي سڀ کان وڏو اعتراض سنڌ جي گورننس تي آهي.سوال اهو به آهي ته ڇا صرف پگهار نه وٺڻ يا ايمانداري جي دعويٰ ڪافي  آهي؟ اصل سوال اهو آهي ته سنڌ جي عوام کي تعليم، صحت ۽ روزگار ۾ ڇا ملي رهيو آهي،هن چيو ته سنڌ ۾ بيروزگاري وڌي رهي آهي، ڪيترائي ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن. پبلڪ سروس ڪميشن سميت ڪيترائي ادارا سوالن هيٺ آهن،هن چيو ته ٻئي طرف وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ مالي ورڇ تي به اختلاف جاري آهن. اين ايف سي ايوارڊ، بجلي، قرض ۽ ترقياتي بجيٽ تي تڪرار هلي رهيو آهي. وفاق جو چوڻ آهي ته گهڻو بار کڻڻو پوي ٿو، جڏهن ته صوبن جو موقف آهي ته انهن کي حق گهٽ ملي رهيا آهن.سنڌ ۾ هڪ ٻي وڏي ڳالهه اها آهي ته سياسي جماعتن جي نمائندگي ۽ وفاقي ڪابينا ۾ سنڌي ماڻهن جي گهٽ موجودگي تي به سوال اٿاريا پيا وڃن.هن چيو ته سنڌ جي تاريخ ۾ صوفياڻو مزاج به اهم رهيو آهي، جنهن سبب هتي ٽڪراءُ بدران هم آهنگي کي ترجيح ڏني وئي آهي.آخر ۾ سوال اهو آهي ته سياست ۾ ڪير صحيح ۽ ڪير غلط آهي، اهو تاريخ طئي ڪندي. تاريخ هميشه لکي ويندي آهي، ۽ ڪڏهن به هڪ طرفي نه هوندي آهي. ڪجهه ماڻهن لاءِ زرداري هڪ هيرو هوندو، ۽ ڪجهه لاءِ نه،هن چيو ته اصل ڳالهه اها آهي ته حڪومت جو ماڊل ڪيترو عوام دوست آهي. جيڪڏهن عوام خوش نه آهي ته صرف اقتدار ۾ رهڻ ڪاميابي ناهي سمجهي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.