ميلبورن(يب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ (ڪرڪيٽ آسٽريليا) طرفان اهم رانديگرن کي ٽي ٽوئنٽي ليگز کان محفوظ رکڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪپتان پيٽ ڪمنز جو ڌيان ٽيسٽ ڪرڪيٽ تي برقرار رکڻ لاءِ ڪرڪيٽ آسٽريليا وڏي آڇ ڪئي آهي، جنهن تحت کيس 12 ملين آسٽريلوي ڊالرز جي معاهدي جي آڇ ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب، ڪرڪيٽ آسٽريليا چاهي ٿو ته پيٽ ڪمنز 2029ع تائين ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي ترجيح ڏئي.
ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪرڪيٽ آسٽريليا پيٽ ڪمنز کي ساليانو 4 ملين ڊالرز جي حساب سان 3 سالن لاءِ اها آڇ ڪئي آهي. ٻئي پاسي، ٽنهي فارميٽس ۾ کيڏندڙ رانديگر ٽريوس هيڊ سان به ڪرڪيٽ آسٽريليا جون ڳالهيون جاري آهن، جڏهن ته مارنس لبيوشائن سان به اهڙي ئي قسم جو 3 سالن جي معاهدي لاءِ ڳالهه ٻول جاري آهي.
هيڊ آف ڪرڪيٽ جيمز ايلسوپ جو چوڻ آهي ته رانديگر پرڪشش معاهدن جو حق رکن ٿا، هي ڪرڪيٽر هڪ عرصي کان آسٽريليا لاءِ مختلف فارميٽس ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن.
واضح رهي ته آسٽريليا کي ايندڙ 12 مهينن دوران 21 ٽيسٽ ميچون کيڏڻيون آهن.