لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ( پي سي بي) آسٽريليا سان ٿيندڙ ون ڊي سيريز جي شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.
پي سي بي موجب، پاڪستان 3 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز ۾آسٽريليا جي ميزباني ڪندو، جنهن لاءِ آسٽريليا جي ٽيم 23 مئي تي اسلام آباد پهچندي.
پي سي بي چيو آهي ته پهرين ون ڊي 30 مئي تي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ٻي ۽ ٽِين ون ڊي 2 ۽ 4 جون تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ شيڊيول آهن، ٽئي ميچون پاڪستاني وقت موجب شام ساڍي چئن وڳي شروع ٿينديون.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته هيءَ سيريز مارچ/اپريل 2022 کانپوءِ آسٽريليا جي پاڪستان ۾ پهرين ون ڊي انٽرنيشنل سيريز هوندي.
واضح رهي ته آسٽريليا هلندڙ سال جنوري ۾ پاڪستان جو ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل سيريز لاءِ دورو ڪيو هو، جڏهن ته آسٽريليا آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي 2025ع ۾ به پاڪستان ۾ ميچون کيڏيون هيون.