”شراب پي گاڏي هلائڻ بيوقوفي هئي“ڊيوڊ وارنر پنهنجو ڏوهه قبولي ورتو

سڊني (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر ڊيوڊ وارنر نشي جي حالت ۾ ڊرائيونگ ڪرڻ واري ڪيس ۾ پنهنجو ڏوهه قبولي ورتو آهي.
ڊيوڊ وارنر جي وڪيل ميڊيا کي آسٽريلوي بيٽر جي فيصلي کان آگاهه ڪندي چيو آهي ته ڊيوڊ وارنر نشي ۾ ڊرائيونگ ڪرڻ کي بيوقوفي ۽ لاپرواهي تسليم ڪيو آهي.
ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي سڊني ۾ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڪيل بوبي هل چيو ته ڊيوڊ وارنر ڊرنڪ اينڊ ڊرائيو ڪيس جي ذميواري قبول ڪندو، هو ڄاڻي ٿو ته کانئس غلطي ٿي آهي، اهو هڪ لاپرواهه ۽ بيوقوفي وارو عمل هو.
وڪيل وڌيڪ ٻڌايو ته ڊيوڊ وارنر گاڏي ۾ ويهڻ کان اڳ شراب جا 3 گلاس پيتا هئا، هو عدالت ۾ پيش نه ٿيو، ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ مهيني ٿيندي.
واضح رهي ته ڊيوڊ وارنر گذريل مهيني پي ايس ايل دوران ڪجهه وقت گذارڻ لاءِ سڊني ويو هو، جتي شراب پي گاڏي هلائڻ تي مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو هو، ڊيوڊ وارنر پي ايس ايل ۾ ڪراچي ڪنگز جو ڪپتان پڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.